سکر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جون ساليانيون چونڊون ٿي گذريون

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ ) سکر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جون ساليانيون چونڊون قربان ملاڻو جو حمايت يافته  پروگريسو لائيرز فورم جا سمورا اميدوار  پنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا ائڊووڪيٽ سيد نويد شاه صدر ۽ ائڊووڪيٽ سندر خان چاچڙ جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا  وڪيل برادري طرفان اليڪشن کٽي آيل اميدوارن کي مبارڪباد پيش ڪئي

سکر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سکر جون ساليانيون چونڊون ٿي گذريون جنهن ۾ سينيئر وڪيل ائڊووڪيٽ قربان علي ملاڻو طرفان پروگريسو لائيرز فورم ۽ ۽ سندن مقابلي ۾,سيد ظفر علي شاه ۽ غلام مصطفي ڀنڀيرو جو پينل مد مقابل هئا

اڄ رٿيل اليڪشن واري ڏھاڙي تي سيد ظفر علي شاه جي پينل جي سمورن اميدوارن پروگريسو لائيرز فورم جي اميدوارن جي حق ۾ هٿ کڻي ڇڏيو جنهن بعد مقرر  اليڪشن ڪميشن طرفان پروگريسو لائيرز فورم جي اميدوارن کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو

ڪاميابي حاصل ڪندڙن ۾ سيد نويد علي شاه بار جو صدر ۽ سندر خان چاچڙ جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا جڏھن ته نائب صدر امام بخش مهر , جوائنٽ فيصل شمس شيخ , لائريبري سيڪريٽري شهباز حفيظ شاهاڻي , خزانچي اياز علي شيخ ۽ ميمبر مينيجمنٽ ڪاميٽي ۾ آصف جوڻيجو , اعجاز نائچ , سعيد قريشي , دانش عثمان غني , محمد دائود  چوهاڻ , نويد قمر , وليد رشيد شيخ ڪامياب ٿي ويا

اليڪشن کٽي آيل عهديدارن کي ڪامياب ٿيڻ تي وڪيل برادريء طرفان کين گلن جا هار پارائي مبارڪباد ڌني وئي.

اپريل 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو