سوڀوديرو ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمئن لينڊ مافيا بڻيل آھي: حاجي ڪوڙل ۽ ٻيا
سوڀوديرو (رپورٽ: ميرخان منڱڻيجو) سوڀوديرو جي ٽائون ڪاميٽي جا سالن کان ھن تٿ ڪاميٽي سوڀوديرو اندر سرعام ڪرپشن وارو بي لغام گھوڙو ڊوڙيندو پيو ٿو وتي پر سنڌ سرڪار توڙي ڪرپشن خلاف ڪم ڪندڙ ايجنسيون ھن ڪرپشن واري انڌي گھوڙي کي لغام ڏيڻ لاء تيار ناھن ـ
اھڙي ڪرپشن توڙي عوام دشمن منصوبن خلاف اڄ سوڀوديرو جي سماج سڌارڪ تحريڪ پاران سوڀوديرو ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمئن جيڪو لينڊ مافيا بڻجي شھرين دڪاندارن سان ظلم ڪندي بغير ڪنھن سرڪاري ٽينڊر جي غيرقانوني طريقي سان دڪاندارن جا دڪان ڊھرائي اتي من پسند مافيا جنهن کان ڳريون رشوتون وصول ڪري دڪان نوان جوڙائي انھن کي ليز تي ڏيڻ ۽ اسان سالن کان ڪاروباري شھرين کان دڪان غيرقانوني طڳر تي خالي جرائي ظلم جي انتھا ڪري رھيو آھي
اھڙي عوام شھري دشمن فيصلي خلاف سماج سڌارڪ توڙي دڪاندار اڳواڻ حاجي ڪوڙل شيخ جاويد عباسي مظھر علي سھتو الفت علي سومرو پرور عباسي اياز ملاح ديدار علي ڄامڙو شاھد علي پنھنيار مختيار ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ ريلي ڪڍي
مزڪورھ ٽائون ڪاميٽي سوڀوديرو جي نااھل ڪرپٽ توڙي عوام دشمن چئيرمين خلاف زبردست نعري بازي ڪري نااھل چيئرمين ھٽايو شھر ۽ دڪاندار ۽ شھري املاڪون بچايو جا نعرا ھنيا وياـ ھنن چتاء ڏيندي چيو ته مزڪورھ چيئرمين پنهنجي ھٽ ڌرمي واري ھوڏ تان نه لٿو ته سندس خلاف جلد مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتال شروع ڪئي ويندي.
اپريل 19, 2024