دادو ۾ سماجي براين کي ٻنجو اچي ويو، منشيات ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن ھلندڙ
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ سماجي براين کي ٻنجو اچي ويو، منشيات ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ڪيترو به بااثر ڇونه هجي کيس بخش نه ڪيو ويندو اهڙو اظهار ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ علي لنجار ڪيو، هن چيو ته
پوليس ھيڊڪوارٽر ۽ ٿاڻن ۾ ويزا سسٽم بند ڪري پوليس عملدارن آفيسرن کي 12 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرڻ جو پابند ڪري ڇڏيو آهي،
پوليس ھيڊڪوارٽر ۾ 6 پوليس عملدارن کي مينٽل قرار ڏيئي سالن کان پوليس ڊسپينسري ۾ داخل ڪيو ويو ھو.انهن 6 ڄڻن خادم سولنگي، خادم جتوئي، بشير سولنگي، پناهه گوپانگ کي به ڊيوٽي تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي،
پوليس آفيسرن کي سخت هدايتون ڏنيون آهن ڏوهن تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي شهري پوليس جو ساٿ ڏيڻ، ڏوهن، منشيات ۾ ڪوبه پوليس عملدار ملوث نڪتو ته کيس ڊسمس فرام سروس ڪيو ويندو
پوليس ڪنهن سان به ناجائزي ڪئي ته ان خلاف محڪمه سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته ذريعن کان معلوم ٿيو ته پوليس ھيڊڪوارٽر ۽ ٿاڻن جا وڏا منشي مھيني جي ويزا جا ھر مھيني عملدارن کان في عملدار 10ھزار روپيا وٺندا ھيا.
ايس ايس پي جي اھڙي عمل تي ڏينهن رات شھر ۽ ٻھراڙين جي پوليس پڪٽن تي عملو موجود آهي سول سوسائٽي سڃاڻ ڌرين ايس ايس پي دادو جي اھڙي عمل جي ساراهه ڪئي آهي.
اپريل 19, 2024