پيپلزپارٽي عوامي طاقت سان اقتدار ۾ آئي آهي: عادل الطاف انڙ

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري مان چونڊيل پ پ ايم پي اي عادل الطاف انڙ چيو آهي ته ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن جي عوام وڏي اڪثريت سان ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آھي،

عوام جي خدمت اولين ترجيح آهي، کين ڪنھن بہ صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. ڏوڪري ۾ مختلف برادرين جن ۾ سومرا، سنديلا، بروھي، ميمڻ سميت مختلف برادرين سان سندن پيارن جي وفات بعد صحافين سان ڳالهائيندي پ پ ايم پي اي عادل الطاف انڙ چيو ته سنڌ جي عوام جي طاقت سان ئي پ پ اقتدار ۾ آئي آھي،

عوام کي اجھو، اٽو، لٽو ۽ روزگار جي فراهمي پھرين ترجيح آهي. ھن چيو ته صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ادي فريال ٽالپر جي ڪوششن سان ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقي جي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪري رھيو آھيان،

 انڙ خاندان جي لاڙڪاڻي ضلعي جي عوام جي خدمت واري فلسفي کي جاري رکندي سندن بنيادي مسئلا حل ڪنداسين. ان موقعي تي ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي چيئرمين عبدالحميد جيسر،لياقت سومرو،حبيب ﷲ کوکر شڪيل احمد بروهي ۽ ٻيا ساڻن گڏ ھئا.

اپريل 17, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو