پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي خميس ڏهاڙي شام جو 4 وڳي ٿيندو، صدر آصف زرداري پارليماني سال جي شروعات تي اجلاس کي خطاب ڪندو.
صدر مملڪت جو خطاب آئين جو حصو، پارليامينٽ جي روايت آهي، پاڪستان جي 16هين قومي اسيمبلي ٺهڻ کانپوءِ اهو پارليامينٽ جو پهريون گڏيل اجلاس هوندو.
روايت موجب گڏيل اجلاس ۾ فوجي قيادت سميت چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ گورنر شريڪ ٿيندا آهن.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سفيرن ۽ اهم اڳواڻن جي شرڪت ۽ خطاب جي روايت به آهي.

اپريل 17, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو