ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي 8 سئو کان مٿي پي ايس ٽي اميدوارن جي مقرري وارو معاملو رولڙي ۾ پئجي ويو
ٺٽو( نظير احمد قريشي) آء بي اي ٽيسٽ پاس ڪرڻ کانپوء آفر آرڊر حاصل ڪندڙ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي 8 سئو کان مٿي پي ايس ٽي اميدوارن جي مقرري وارو معاملو رولڙي ۾ پئجي ويو،
ٻنهي ضلعن جي 9 تعلقن جي 40 کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي 8 مهينا اڳ آفر آرڊر جاري ڪيا ويا پر گذريل ڏينهن تعليم کاتي پاران سندن مقررين کي روڪڻ واري حڪم کانپوء متاثر اميدوار سخت پريشاني جو شڪار بڻجي ايڪشن ڪميٽي جوڙي مرحليوار تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي،
ان سلسلي ۾ ٺٽي جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر مڪلي تي ٿرڊ فيز جي متاثر پي ايس ٽي اميدوارن پاران ھڪ احتجاجي مظاھرو مڪلي تي محمد علي شر، بشير جوکيو، محبوب چانڊيو،
توصيف سومرو، صدام خاصخيلي، غفور خشڪ، ناظم سولنگي ۽ گوهر قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ سانکي گذريل پ پ جي دور حڪومت ۾ 40 سيڪڙو تائين مارڪون کڻڻ تي ڊپرائيوڊ تعلقن جا اميدوار قرار ڏيئي آء بي اي ذريعي ٽيسٽ پاس ڪرڻ کانپوء اهل اميدوار قرار ڏيئي ڀرتين لاء پهريون عمل مڪمل ڪندي آفر آرڊر جاري ڪيا ويا،
ھنن چيو تہ ٺٽي ضلعي جي 537 ۽ سجاول ضلعي جي 350 اميدوارن کي آفر آرڊر ملندي 8 مهينا گذري ويا، جن کي چونڊيل حڪومتي نمائندن، نگران حڪومت کانپوء کين پوسٽنگ ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي ھئي.
اپريل 17, 2024