جاچ ڪرائي منهنجي خلاف داخل ڪيس ختم ڪيو وڃي: رئيس رجب خان شاهاڻي

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو شهر جي مشهور سياسي ۽ سماجي شخصيت رئيس رجب خان شاهاڻي دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دادو جي شهري محمد خان لاکو ۽ سندس 3 پٽن سجاد احمد، عقيل احمد ۽ شڪيل احمد لاکو خلاف الزام هنيا آهن ته هي دادو شهر ۾ ڀتاخوري ڪن پيا زرد صحافت جي آڙ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي

منهنجو سٺي گهراڻي سان تعلق آهي ۽ گذريل 24 سالن کان دادو شهر ۾ سماجي ڪمن جي حوالي سان هتان جي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي پر دادو شهر جي هنن 3 ڄڻن سجاد احمد، عقيل احمد، شڪيل احمد لاکو وارن جي ڀتاخوري جون شڪايتون ملي رهيون آهن

 ۽ هنن صحافت جي آڙ ۾ دادو پوليس کي به يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي هن چيو ته هنن جو منهنجي سئوٽ معشوق شاهاڻي سان تڪرار هلندڙ آهي ۽ ان خلاف ڪيس داخل آهي جنهن ڪري هنن لاکا برادري جي 4 ماڻهن منهنجي لاءِ غلط ٻولي ۽ واويلا ڪئي آهي

 منع ڪرڻ باوجود هنن مٿان ٿيل تشدد جو الزام مون تي هڻي منهنجي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي جنهن ڪيس مان مون کي عدالت سڳوري ضمانت ڏني آهي پريس ڪانفرنس ڪندڙ رئيس رجب خان شاهاڻي ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ علي لنجار کان مطالبو ڪيو ته منهنجي مٿان داخل ڪرايل ڪيس جي جاچ ڪرائي ڪيس ختم ڪيو وڃي دادو پريس ڪلب جو مان اعزازي ميمبر آهيان

 سماجي، سياسي ساک رکندڙ شهري آهيان منهنجي ساک کي نقصان پهچائڻ لاءِ لاکن ڀائرن جون ڪيل حرڪتن کي اوهين سڀ ڀلي ڀت ڄاڻو ٿا ۽ مان ان خلاف قانوني تحفظ حاصل ڪندس ۽ ڀتاخورن خلاف قانوني ڪاروائي جو مطالبو ڪريان ٿو.

اپريل 17, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو