ڪراچي: امتحان ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ اسڪول انتظاميا طرفان بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري ۾ انعام تقسيم
ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي شاھنواز شر ڳوٺ جي نيو لرنرز اسڪول جي شاگردن جي ورتل امتحان ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ اسڪول انتظاميا طرفان بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري ۾ انعام ڏيڻ واري تقريب پوزيشن کڻندڙن شاگردن ۾ انعام ڏنا ويا
خبرموجب ڪراچي شاھنواز شر ڳوٺ جي نيو لرنرز گرامر اسڪول ۾ شاگردن کان ورتل امتحان ۾ پوزيشن کڻندڙ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ اسڪول انتظياميا طرفان انعام ڏيڻ واري تقريب بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري ۾ منعقد ڪئي وئي
اسڪول ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن شاگردياڻين اقرا اقصا مھوش مريم صوبيا غلام طيبا شعيب عامر علي فيض علي شاھ حسن انعام علي ۽ ٻين کي شاگردن کي اسڪول جي پرنسپال علي حسن ڀنڊ وائيس پرنسپال بختاور حسن عادل ناگراج ياسين ٽانوري مقصود سنجراڻي خادم سيال ۽ ٻين طرفان انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا
ان موقعي تي انعام ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي اسڪول جي پرنسپال علي حسن ڀنڊ بختاور حسن مقصود سنجراڻي خطاب ڪندي چيو تـ علم انسان جي ٽئين اک آھي
علم سائين ئي سڀ منزلون ڪاميابيون ماڻي سگھجن ٿيون علم کانسواء انسان اڌورو آھي ھنن چيو تـ وڍ کان وڌ ڪوشش ڪجي تـ پنھنجي ٻارڙن کي بھتر کان بھتر تعليم ڏياريون ۽ انھن جي چرپر تي پڻ نظر رکڻ گھرجي تـ جيئن ھو بري صحبت کان بـ بچي سگھن ھنن چيو تـ استاد سان والدين تي بـ ذميواري عائد ٿئي ٿي تـ اھي پنھنجي ٻارن تي نظر رکن.
اپريل 17, 2024