سکر آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌ ٿيٽر فيسٽيول جو افتتاح ڪيو ويو

Spread the love

سکر  (بيورورپورٽ) سکر آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌ ٿيٽر فيسٽيول 2024ع جو افتتاح سابقه وزير اطلاعات سنڌ ۽ صدر ارٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي محمد احمد شاھ سکر آرٽس ڪائونسل جي صدر ممتاز بخاري ،آء بي اي يونيورسٽيء جي وائس چانسلر آصف احمد شيخ سان گڏ جي ڪيو.

محمد احمد شاھ ڳالھائيندي چيو ته سکر ۾ جيڪا موٽ ملي آھي اھا شاندار آھي  گذريل آء بي اي ۾ ڪرايل ثقافتي فيسٽيول ۾ ٻه لک کان ماڻھون آيا ھئا جن  ۾ اڪثريت نوجوانن جي ھئي.سکر ھڪ تاريخ رکي ٿو سکر جي آرٽس ڪائونسل  ذريعي،پينٽنگ، ميوزڪ ڪلاسن  جي ذريعي ٽيلينٽ نڪري رھيو آھي

 اسان جي ڪوشش آھي ته ھنن پروگرامن  ذريعي پاڪستان ۾ رھندڙ تمام ٻوليون ڳالھائيندڙن کي پاڻ  ۾ ڳنڍيون.سکر کان پوء  ڪوئيٽا  ۾ به فيسٽيولڪيون پيا. ان سان گڏ لاڙڪاڻه حيدرآباد ۾ به فيسٽيول ڪنداسين.  معاشي مالي حوالي سان گڏ ٽيڪنڪل مدد ڪنداسين. ھتان جي لائبيرين جي تمام خراب حالت انھن کي  کي بھتر  ڪرڻ جي ضرورت آھي

 مان ھتان جي چونڊيل نمائندن کي چوندس ته ڪلچر  طرف توجه ڏين ڇوته توھان جي ثقافت رھندي ته توھان به رھندا. سکر  پڙھيل لکيل باشعور ماڻھن جو زندھ  شھر آھي.

ھڪ دفعو وري واپس پنھنجي عروج واري زندگي ڏانھن موٽي پيو. سکر آرٽس ڪائونسل جي صدر ممتاز بخاري کي سلام آھي جنھن بغير فنڊنگ جي سو کان وڌيڪ  پروگرام ڪيا آھن..سکر حيدرآباد ميرپور خاص ۾ سنڌي ۽ اردوء جابه پروگرام ڪيا ويندا. سکر  ۾ جلدي اردو ڊرامن جو به فيسٽيول ڪنداسين. ممتاز بخاري چيو ته اردوء جا ھڪ نه ڏھ ڊرامان ڪنداسين.

اردو ڊرامن جي  حوالي سان اسان سان سھڪار ڪيو وڃي.ھن فيسٽيول ۾  پيش ٿيندڙ ڊرامن ۾ عام ماڻھن جي اشوز کي کنيو ويو آھي.

ڊرا فيسٽيول ۾ 15اپريل کان 21اپريل تائين روزاني رات جو اٺين وڳي سورٺ راء ڏياج، دنيا مسافر خانون، آرٽيفيشل، توکان پوء، چانڊوڪي، ڪو زمانون به آيو آ ۽  زوراور زال ڊراما پيش ڪيا ويندا.

جيڪي وفا دلدار، ايوب گاد، سليم راجا، محمد علي مخلص ۽ گوبند مالھي جا لکيل آھن. ڊراما فيسٽيول جي پھرين ڏينهن جي افتتاحي تقريب ۾ عورتن مردن اداڪارن اديبن شاعرن شھرين ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

اپريل 17, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو