سيوھڻ: مانجهند لڳ ڪوچ، مزدا ۽ آئل ٽينڪر وچ ۾ حادثو، 6 ڄڻا فوت ۽ 25 زخمي

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) رات دير سان مانجهند لڳ ڪوچ، مزدا ۽ آئل ٽينڪر جي وچ ۾ ٿيل خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 6 ماڻهون فوت ۽ 25 زخمي ٿيا،

 اڳوڻي ايم اين اي ڄامشورو سردار سڪندر علي راهپوٽو پاران حادثي واي جاءِ جو  معائنو ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ مانجهند اسپتال پھچي زخمين جي عيادت ڪئي بعد ۾ اڳوڻو ايم اين اي  سيوهڻ سيد عبدالله شاھ  انسيٽيٽيوٽ پهچي زخمين جي  عيادت ڪئي،

ان موقعي تي اڳوڻي ايم اين اي سيوھڻ اسپتال ۾ داخل زخمي مسافرن کان سندن صحت ۽ انسيٽيٽيوٽ ۾ علاج جي سهولتن بابت پڇا ڪئي، زخمين اڳوڻي ايم اين اي کي ٻڌايو ته ڪوچ ڊرائيور جي غفلت ۽ اوور ٽيڪ ڪرڻ سبب  ھي حادثو پيش آيو،

اڳوڻي ايم اين اي کي سيد عبدالله شاھ انسيٽيٽيوٽ جي ڊاڪٽرن  آگاهي ڏيندي چيو تہ  ھن حادثي ۾ جيڪي زخمي 25  مسافرداخل آھن، انھن زخمين مان 22 ماڻهن کي فرسٽ ايڊ ڏئي فارغ ڪيو ويو آهي،

جڏهن ته 3 زخمي ساجد، ماجد ۽ سڌير زير علاج آهن، جنهن مان ساجد علي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جنهن جو علاج هلندڙ آهي.

اپريل 17, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو