وڳڻ لڳ ڦر واقعي جي جاچ لاءِ پوليس قدم نھ پئي کڻي: صفي مغيري

Spread the love

وڳڻ  (رپورٽر) وڳڻ قمبر روڊ تي اٺ ڏينهن اڳ ڳوٺ مولا بخش مغيري جي نوجوان صفي مغيري کان نامعلوم هٿياربندن پاران ڏينهن ڏٺي جو سي ڊي موٽر سائيڪل ستر هزار ڪيش ڦر  ڪندڙ جوبدارن کي وڳڻ پوليس گرفتار ڪري نه سگهي  وڳڻ پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻجي وئي

ان موقعي تي متاثر نوجوان صفي مغيري ميڊيا کي ٻڌايو ته ڦر واقع کي اٺ ڏينهن مڪمل ٿي چڪا آهن پر وڳڻ پوليس مڪمل خاموش بڻيل آهي

  جيڪو ناانصافي جي برابر آهي اسين ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ٿا ڪريو ته هن ڦر معاملي جو نوٽيس وٺي وڳڻ ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او اختر کوسو کي پابند ڪري ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ستر هزار ڪيش  واپس ڪرائي ڏنو وڃي انصاف نه ملڻ جي صورت ۾  وڳڻ باء تي ڌرڻو هنيو ويندو ۔

اپريل 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو