راڻي پور واسين جو چوري خلاف احتجاج جاري
گمبٽ (ڊ ر) راڻي پور واسي عورت ۽ مرد جو ٻارڙنسميت پاڪ ڪتاب کڻي گهر مان چوري ٿيڻ خلاف پريس ڪلب گمبٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو، چوري ٿيل رقم واپس ڪرائڻ جو مطالبو.
ان موقعي تي احتجاج ڪندي الھداد مڱڻيجو، مسمات حسنا خاتون، ٻارن سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي چيو ته راڻيپور جي سرڪاري اسپتال واري محلي ۾ ڪرائي جي جڳھ ۾ رهندا آهيون.
گهر مالڪ لطيف شيخ اسان جي گهر مان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪيو ويو آهي راڻيپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائڻ لاءِ وياسين ته پوليس ڌڪا ڏئي واپس موٽائي ڇڏيو آهي غريب آهيان
مزدوري ڪري ٻچن جو گذر سفر ڪندو آهيان. گهر ڀاتين لاء عيد جي خريداري لاء پئسا رکيا هئا جيڪي چوري ٿي ويا آهن احتجاج ڪندڙن ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
اپريل 14, 2024