دادو ۾ بدامني خلاف ڪاڇي واسين جو احتجاجي مظاهرو، نعريبازي
دادو( رپورٽر) جوهي ڪاڇي ۾ بدامني جي باھ خلاف ڪاڇي واسي سراپاء احتجاج ڪاڇي جي شهر ڇِني ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ عمر شاھاڻي شاهاڻي ، علڻ شاهاڻي ،
شارو بوزدار جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاج ۽ امن بحال ڪرائڻ جو مطالبو ان موقعي جي مظاهرين ڳالهائيندي ٻڌايو تہ ڪاڇي ۾ بدامني ۾ بي انتها اضافو ٿي ويو
۽ ڪاڇي جهڙي پرامن علائقي جا روڊ رستا بہ مسافرن لاء محفوظ ناهن ۽ سرعام ڏينهن ڏٺي هٿيارن جي زور تي ڪاڇي واسي ڦُر ٿين پيا پر پوليس چيڪ پوسٽن جي ڪي بہ اهلڪار مقرر ناهن هنن ايس ايس پي دادو کان اپيل ڪندي چيو تہ ٽنڊو رحيم خان پوليس اسٽيشن جي چيڪ پوسٽن کي بحال ڪري اهلڪار مقرر ڪيا وڃن ۽ گشت وڌائي وڃي
جيئن ڪاڇي واسي بي خوف ٿي سفر ۽ ڪاروبار ڪري سگهن.
اپريل 14, 2024