بلوچستان ۾ بس مان لاهي 9 مسافر قتل، گاڏي تي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

Spread the love

بلوچستان جي علائقي نوشڪي ويجهو دهشتگرديءَ جي ٻن واقعن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا

قومي شاهراهه تي  هٿياربندن 9 مسافرن کي بس مان لاهي قتل ڪري ڇڏيو

پوليس جو چوڻ آهي ته  8 مسافرن جا لاش جبل ڀرسان پل هيٺان هٿ آيا

پوليس موجب مارجي ويل ماڻهن جو تعلق گوجرانولا، مندي بهاءُ الدين ۽ وزير آباد سان آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته مسافر بس ڪوئيٽا کان تافتان وڃي رهي هئي ته هٿياربندن ڪاهه ڪري قهري ڪارروائي ڪئي

نوشڪي ۾ فائرنگ جي ٻئي واقعي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

اپريل 14, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو