شرميلا فاروقي ۽ سائرا يوسف پاران انوکي انداز ۾ فلسطينين سان ٻڌيءَ جو اظهار
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي ۽ پاڪستان شوبز انڊسٽريءَ جي مشهور اداڪارا سائرا يوسف عيدالفطر جي موقعي تي مظلوم فلسطينن سان انوکي انداز ۾ ايڪي جو اظهار ڪيو .
سائرا يوسف انسٽاگرام جي اسٽوري تي پنهنجي هٿ جي هڪ تصوير شيئر ڪئي جيڪا وائرل ٿي وئي.
وائرل تصوير ۾ اداڪارا جي هٿ تي مهندي جي ڊيزائن ۾ ” فلسطين “ لکيل نظر اچي رهيو آهي.
