سڪرنڊ ۾ڪڻڪ جو فصل لهڻ باوجود سرڪاري سطح تي خريداري شروع نه ٿي سگهي

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ)  سڪرنڊ تعلقي ۾ ڪڻڪ جو فصل لهڻ باوجود سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي خريداري شروع نه ٿي سگهي، آبادگار مجبورن گهٽ اگهه ۽ ڪٽوتي تي ڪڻڪ واپارين حوالي ڪرڻ لڳا آهن.

 ان سلسلي ۾ سڪرنڊ  مجيد ڪيريو  دليل ديرو  صابو راهو کڏهرمحرابپور  ۽ ٻين علائقن جي آبادگارن جو چوڻ ھو ته سرڪاري اگهه 4 ھزار روپيه مڻ جنھن حساب سان 10 هزار رپيا في ٻوري آهي پر سرڪاري خريداري نه ھجڻ ڪري واپاري ساڍا 8 هزار کان 9 هزار رپين تائين ٻوري جو اگھ ڏئي ظلم ڪري رھيا آھن.

هنن چيو ته گھٽ اگهه تي ڪڻڪ ڏيڻ سبب سندن فصل تي ڪيل خرچ به پورو نٿو ٿئي، ۽ هو نقصان ۾ وڃي رهيا آهن.آبادگارن مطالبو ڪيو ته خوراڪ کاتي ۽ روينيو عملدارن بدران جوڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ بارداڻو ورهائي آبادگارن کان ڪڻڪ سرڪاري اگھ تي خريد ڪري وپارين جي ظلم کان بچايو وڃي.

اپريل 9, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو