سڪرنڊ ۾ڪڻڪ جو فصل لهڻ باوجود سرڪاري سطح تي خريداري شروع نه ٿي سگهي
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ تعلقي ۾ ڪڻڪ جو فصل لهڻ باوجود سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي خريداري شروع نه ٿي سگهي، آبادگار مجبورن گهٽ اگهه ۽ ڪٽوتي تي ڪڻڪ واپارين حوالي ڪرڻ لڳا آهن.
ان سلسلي ۾ سڪرنڊ مجيد ڪيريو دليل ديرو صابو راهو کڏهرمحرابپور ۽ ٻين علائقن جي آبادگارن جو چوڻ ھو ته سرڪاري اگهه 4 ھزار روپيه مڻ جنھن حساب سان 10 هزار رپيا في ٻوري آهي پر سرڪاري خريداري نه ھجڻ ڪري واپاري ساڍا 8 هزار کان 9 هزار رپين تائين ٻوري جو اگھ ڏئي ظلم ڪري رھيا آھن.
هنن چيو ته گھٽ اگهه تي ڪڻڪ ڏيڻ سبب سندن فصل تي ڪيل خرچ به پورو نٿو ٿئي، ۽ هو نقصان ۾ وڃي رهيا آهن.آبادگارن مطالبو ڪيو ته خوراڪ کاتي ۽ روينيو عملدارن بدران جوڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ بارداڻو ورهائي آبادگارن کان ڪڻڪ سرڪاري اگھ تي خريد ڪري وپارين جي ظلم کان بچايو وڃي.
اپريل 9, 2024