ڏوڪري: پيسٽيسائيڊ ايمپلائيز ايسوسيئيشن پاران احتجاجي مظاهرو

Spread the love

ڏوڪري  (رپورٽر) ڏوڪري پيسٽيسائيڊ ايمپلائيز ايسوسيئيشن تعلقي ڏوڪري طرفان سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ گذريل ڏينهن ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي شهر بڊاڻي واري علائقي مان اغوا ٿي ويل يونين ميمبر سراج احمد ڊومڪي ۽ سندس معصوم پٽ شهر يار جي بازيابي لاءِ ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

 ان موقعي عبدالرشید سولنگي، ظفر جيسر ، محرم سولنگي، ڪاشف خاصخيلي، احسان سومرو، اڪبر مشوري، عبدالرؤف پنهور، نثار ٻگهيو ۽ ٻين چيو تہ هن وقت سنڌ صوبي اندر بدامني جي باھ ڀڙڪي رهي آهي،

جنهن ڪري ڪو بہ ماڻهو محفوظ ناهي رهيو، خاص ڪري اتر سنڌ جا علائقا لاڙڪاڻو، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ ٻيا علائقا شريف ماڻهن لاءِ نوگو ايريا بڻجي ويا آهن،

هنن چيو تہ گذريل ڏينهن پيسٽيسائيڊ ايمپلائيز ايسوسيئيشن ميمبر سراج احمد ڊومڪي پنهنجي 6 سالن جي پُٽ شهريار ڊومڪي سان گڏ فيلڊ ورڪ ڪرڻ کان پوءِ بڊاڻي شهر مان واپس گهر طرف وڃي رهيو هيو ته رستي ۾ نامعلوم ڌاڙيلن کين اغوا ڪري ويا آهن، هنن چيو تہ افسوس آهي جو پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو،

جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽  ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي تہ سنڌ اندڙ وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول ڪري اغوا ٿيل سراج احمد ڊومڪي ۽ سندس معصوم پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اپريل 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو