سڪرنڊ: پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو، ڇھھ ڌاڙيل مارجي ويا
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنوير حسين تنيو ضلعي جي چارج سنڀالڻ شرط ئي ڏوهارين ، منشيات فروشن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي گزريل هڪ مهيني دوران بدنام ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪائي سخت مقابلي بعد ڇھن ڌاڙيلن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو
ضلعي پوليس پاران جاري ڪيل هڪ مهيني جي ڪارڪردگي رپورٽ موجب ڇھن ڌاڙيلن کي مارڻ کانسواءِ 150 کان وڌيڪ منشيات فروش گرفتار ڪري کين چالان ڪرڻ بعد جيل اماڻيو ويو آهي جڏھن ته مختلف سماجي براين ۾ ملوث 50 کان وڌيڪ جوابدار پڻ گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪرڻ بعد جيل حوالي ڪيو ويو آهي
ان سلسلي ۾ ايس ايس پي تنيور حسين تنيو ٻڌايو ته ڏوهارين خلاف جاري آپريشن ۾ 20 اشتهاري ڏوهاري ۽ 30 مفرور جوابدار پڻ گرفتار ڪري عدالتن معرفت جيل حوالي ڪيا آهن
هن چيو ته ان شاء الله ارادو آهي ته ضلع شهيد بينظيرآباد کي ڏوهن کان بلڪل پاڪ ڪيون جيڪو ڏکيو ضرور آهي پر نا ممڪن ناهي ان ڪري ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهيون هن اهو به چيو ته عيد جي ڪري به ڪجھ ڏوهاري ٻرن مان نڪري وارداتون ڪندا آهن
پر انهن تي به گهري نظر آهي ڪجھ وقت ضرور لڳندو پر ڏوهن ۽ ڏوهارين جو خاتمو ضرور ڪبو جاري ڪيل رپورٽ موجب گرفتار جوابدارن وٽان غير قانون هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن
جڏھن ته 15 چوري ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪيون ويون آهن جڏھن ته ٻيو قيمتي سامان پڻ مالڪن حوالي ڪيو ويو آهي.
اپريل 8, 2024