ايف بي آر آفيسرن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو آفيسرن کي سوشل ميڊيا جي استعمال کان روڪي ڇڏيو.
فيڊرل بورڊ آف روينيو طرفان حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ايف بي آر آفيسر ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۽ ملاقات نٿا ڪري سگهن، رڳو سوالن جا جواب ڏئي سگهن ٿا.
حڪم نامي ۾ آفيسرن کي سوشل ميڊيا جي استعمال کان به روڪيو ويو آهي.
حڪم نامي موجب ايف بي آر آفيسر ذاتي حيثيت ۾ سوشل ميڊيا استعمال نٿا ڪري سگهن.

اپريل 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو