سکر: ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۾ ڪنزيومر پروٽيڪشن آرڊيننس تي آگاھي سيمينار ٿيو
سکر(بيورو رپورٽ: ماجد منگي ) سکر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سکر ۾ بار جي صدر شفقت رحيم راجپوت ۽جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ الاهي بخش ميتلو جي ميزباني ۾ ڪنزيومر پروٽيڪشن آرڊيننس تي اويئرنيس سيمينار ٿيو
جنهن جو مهمان خاص ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر امير علي مهيسر جن هئا. سکر سيمينار ۾ اعزازي مهمان ايڊيشنل سيشن جج صاحبان رجب علي شر. غلام رضا ٻرڙو. جهانگير ڀيو. سول ججز. روبينه ڀٽو ۽ثنا دستي جن ھئا
سيمينار ۾ بار اڳواڻن زاھد شيخ. ظفر منگي. غلام نبي چڍڙ. امام بخش مهر. شفيق بابر لغاري. ھدايت الله بلوچ. پريم ڪمار. سميت سوين وڪيل صاحبن شرڪت ڪئي
پروگرام کي سيشن جج سکر امير علي مهيسر بار جي صدر شفقت رحيم راجپوت ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ جي پرزائيڊنگ سول جج روبينه ڀٽو بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ الاهي بخش ميتلو خطاب ڪندي چيو ته عام ماڻهن جي سهولت لاءِ ڪنزيومر ڪورٽ سکر ۾ مقرر ٿيل آهي
جٿي کاڌي پيتي جي شين جهڙوڪ کير. ڌاڻا. مرچن. سميت ڪنهن به شئي ۾ ملاوٽ.. مقرر ريٽ کان وڌيڪ رقم وٺڻ مقرر ريٽ کان وڌيڪ رقم وٺڻ گارنٽي ۾ ڌوڪي بازي ڪرڻ صحت لاءِ هاڃيڪار شيون هلائڻ سميت ٻين مسئلن لا۽ ڪو به عام شهري عام سادي ڪاغذ تي درخواست ڏئي يا وڪيل معرفت ڪيس داخل ڪري اگر جوابدار ملوث نڪتو ته کيس قانون موجب سزا ڏني ويندي ته معاشرو ملاوٽ ۽ وڌيڪ رقم ڀرڻ ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار شيون استعمال ڪرڻ کان بچي پوندو.
اپريل 8, 2024