سڪرنڊ ۾ هارين ۽ ننڍن کاتيدارن کي بارداڻو نه ڏيڻ خلاف  احتجاجي مظاھرو

Spread the love

سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ۾ هارين ۽ ننڍن کاتيدارن کي بارداڻو نه ڏيڻ خلاف سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ۽ ننڍن آبادگارن  پاران اڄ ڇھين ڏينهن به مجيد ڪيريو ۾ سرڪاري گدامن اڳيان  احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو

۽ آبادگارن چتاءُ ڏنو سومر جي ڏينھن کان فوڊ کاتي جو مين گيٽ بند ڪري ڌرڻي ھڻڻ جو اعلان ڪيو،

ان موقعي ايس يو پي اڳواڻ ايوب کوسو قاسم سومرو غلام مصطفي ڪيريو آبادگار اڳواڻ عبدالقادر جيلاني بچل ڏھيو ليکڪ غلام حسين جوڻو ڪيلا رام اوڏ امام علي جمالي, ٻين احتجاج ڪندي  چيو ته ھارين ۽ ننڍن کاتيدارن کي ڪڻڪ جو بارداڻو ڏئي سرڪاري ريٽ تي ڪڻڪ وٺڻ جي بجاء من پسند ماڻهن ۽ پيڊين تي باردانو وڪرو ڪيو پيو وڃي 

. هنن چيو ته حڪمران ڌر سنڌ جي ماڻهن جو معاشي قتل ڪرڻ چاھي ٿي ڪرپشن زرعي پھرين سنڌ جي ماڻهونن کي تباھ ڪيو ويو ھاڻ بارداڻي ۾ به ڪرپشن ڪئي پئي وڃي ھنن چتاءُ ڏنو ته سومر جي ڏينھن فوڊ کاتي جَي مين گيٽ کي بند ڪري ان آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو ڪا بہ ڪڻڪ جي گاڏي گدام ۾ اندر ن ڇڏي ويندي.

اپريل 7, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو