سيوھڻ ۾ مختلف مسجدن ۾ ختم القرآن جا جلسا منعقد ڪيا ويا
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ ۾ رمضان المبارڪ مھيني جي آخري ڏھي ۾ 27 رمضان ۾ ليلت القدر جي رات تي سيوھڻ شھر جي مختلف مسجدن ۾ ختم القرآن جا جلسه پڻ ٿي گذريا جڏھن ت ڪن ڪن مسجدن ۾ صلوات تسبيح نماز پڻ پڙھي ويئي، صلوات تسبيح نماز مسجد نور ميمڻ محله سيوھڻ ۾ به پڙھائي وئي،
جيڪا مسجد جي متولي عبدالھادي ميمڻ پڙھائي ھن صلوات تسبيح نماز ۾ ميمڻ محله، ڀٽي محله سخي پاڻ سلطان محله جي ڪيترن مسلمانن شرڪت ڪري الله پاڪ کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،جڏھن ته الله جي ذڪر جي محفل پڻ منعقد ڪئي وئي،
جڏھن تہ ھن ڀلاري رات تي سيوھڻ شھر جي تقريبن مسجدن ۾ صلوات تسبيح نماز پڙھي ويئي، ۽ ڪيترن مسجدن ۾ ختم القرآن جا جلسه پڻ ٿي گذريا جڏھن ت سائين مرحوم حافظ محمد صالح سولنگي جي مسجد ۾ ھر سال جيان ھن سال ب محفل شبينہ منعقد ڪئي وئي،
سيوھڻ ۾ 27 رمضان ليلت القدر جي رات تي مسجد قاضي سراج الدين نئين محله سيوھڻ ۾ پڻ صلوات تسبيح نماز ادا ڪئي ويئي.27 رمضان المبارڪ جي رات تي خاص طور تي فلسطين جي مسلمانن لاء ۽ ملڪ پاڪستان ۽ سنڌ جي سلامتي لاء پڻ دعائون گهريون ويون،
مسجد قاضي سراج الدين ۾ 27 رمضان المبارڪ جي رات تي ھر سال جيان ھن سال بہ سحري جو پڻ بندوبست ڪيل ھئو، جيڪو حاجي غلام رسول لوڙھائي ۽ سندس فيملي طرفان ڪيو ويو ھئو.
اپريل 7, 2024