ٺاروشاھه لڳ نوجوان عيد جا ڪپڙا نھ ملڻ تي ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي
ٺاروشاھ (رپورٽ: اسد سولنگي) ٺاروشاھه ويجهو درٻيلو ۾ نوجوان عيد جا ڪپڙا نه وٺي ڏيڻ تان پيء سان ناراض ٿي مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو
لاش اسپتال منتقل ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ٺاروشاھه ڀرسان درٻيلو ۾ 16 ورهين جي نوجوان عبدالرحمن سهاڳ عيد جا ڪپڙا ۽ شاپنگ نه ڪرائڻ تان مبينا طور دڪان اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو
فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان عيد جا ڪپڙا نه وٺي ڏيڻ تان پنهنجي پيء سان ناراض ٿي اهڙو قدم کنيو آهي جڏهن ته واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.
اپريل 7, 2024