سڪرنڊ: مولانا محمد الياس قادري جو جشن ولادت ملهايو ويو

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) دعوت اسلامي جي باني امير اهلسنت  حضرت علامه مولانا محمد الياس قادري جن جو 74 هون جشن ولادت مدني مرڪز فيضان مدينه سڪرنڊ ۾ مذهبي جوش و خروش سان ملهايو ويو

 جتي ثنا خوانن هر هڪ حافظ شاهد نواز عطاري ، شاهزيب المدني ، نادر علي المدني ،  امداد حسين عطاري ، غلام نبي عطاري ۽ سرفراز عطاري امير اهلسنت جي شان ۾ منقبت پيش ڪيون ان کان اڳ حضور سرور ڪائنات ﷺ جن جي شان ۾ نعت شريف جا نذرانه پيش ڪيا ويا

 ان موقعي تي دعوت اسلامي جي اڳواڻ محمد شميم عطاري بيان ڪندي چيو ته امير اهلسنت جي شخصيت جو اسلامي تاريخ ۾ اهم ڪردار آهي

 سندس خدمت جا کوڙ سارا پاسا آهن جن ۾ مذهبي ، فلاحي ، سماجي ۽ انسانيت کانسواءِ تعليم ۽ صحت جي حوالي سان قائم ڪيل سندن ادارا الڳ سڃاڻپ رکن ٿا جتان لکين ماڻھو لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن

 هن چيو ته مولانا محمد الياس قادري جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي جي انتظام هيٺ هلندڙ درسگاهن مان لکين نوجوان عالم ، حافظ ۽ قاري بنجي ملڪ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ دين جي خدمت ڪري رهيا آهن

هن اهو به چيو ته مولانا محمد الياس قادري جن جي شفقت ڀري شخصيت ۽ دين جي تبليغ بنا ڪنهن فرق جي ڪرڻ سبب پاڪستان جي سرڪار پاران سندس تنظيم دعوت اسلامي کي امن پسند تحريڪ جي سند ڏني وئي آهي ۽ پوري ملڪ ۾ کين دين جو پيغام پهچائڻ جي آزادي آهي

ان ڪري اسان کي به اڄوڪي ٻوسٽ ۽ نفرتن واري ماحول.کان بچڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي آخر ۾ تعلقه نگران حافظ مختيار علي ڪرمي دعا گهري اجتماع جي پڄاڻي ڪئي اجتماع جي پُڄاڻي تي اجتماع ۾ آيل اسلامي ڀائرن هڪٻئي کي امير اهلسنت جي جشن ولادت جون مبارڪون ڏنيون.

اپريل 6, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو