سيوھڻ ۾ وپڊا جي انتظاميھ جي نااھلي ۽  اندھير نگري چرٻٺ راجا وارو قانون موجود

Spread the love

سيوھڻ شريف (رپورٽ:  محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ شھر ۾ وپڊا سيوھڻ  جي انتظاميہ جي نااھلي ۽  اندھير نگري چرٻٺ راجا جو دستور قائم، سيوھڻ  حيسڪو  انتظاميہ جي نا اھلي جي  ڇا ڳالھ ڪجي، ھن تصوير ۾ جيڪو ميٽر نمبر 3703 آھي اھو ميٽر نالي آفتاب احمد شيخ جي نالي سان آهي،

 نھايت افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته ھن ميٽر تي ڪا بـ بقايا جات رھيل  نـ آھي،  پر پوء به ھن ميٽر جي بجلي بحال نـ ٿي سگهي آهي، ڪيترا چڪر حيسڪو سيوھڻ انتظاميه کي شڪايتون ڪيون آھن، پر حيسڪو انتظاميہ سيوھڻ جا عملدار منھنجي ميٽر جي بجلي بحال نٿا ڪن، جيڪو سراسر غلط عمل آھي،

جڏھن ته ڏٺو ويو آھي تہ حيسڪو عملدار سنڌ پريس ڪلب سيوھڻ جي صدر آفتاب احمد شيخ جي گھر جو ڪنيڪشن بلا جواز ڪٽيو ويٺا آھن،

سنڌ پريس ڪلب سيوھڻ جي صدر جو چوڻ آھي ته   حيسڪو  ملازم  نالي عبدالحفيظ اوٺو کي بہ مون ڪافي  دفعا چيو ته منھنجي ميٽر جي بجلي بحال ڪر، پر ان منھنجي ھڪ به نه ٻڌي ۽ چوڻ لڳو تـ اسان سان تون تعاون ڪر، ڇا؟ تعاون ڪرڻ جو ڇا مطلب آھي،

مان حيسڪو جي اعليٰ عملدارن کان حيسڪو چيف حيدرآباد ، حيسڪو  ڊويزن ڪوٽڙي کان مطالبو ٿو ڪريان تـ اھڙن ڪرپٽ  حيسڪو جي ملازمن کي ھٽائي انھن ڪرپٽ ملازم مٿان انڪوائري ڪري ۽ منھنجو ھي جائز ڪنيڪشن بحال ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ مان احتجاج جو حق رکي سگھان ٿو.

اپريل 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو