ڇوڪرين جي شادي ڪهڙي عمر ۾ ٿئي؟ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ ڇوڪرين جي ننڍي عمر ۾ شادين خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويو آهي.

صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ساره احمد ٺهراءُ جمع ڪرايو، جنهن ۾ 18 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪرين جي شادي تي پابندي لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته ننڍي عمر ۾ شاديون ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي زندگين ۽ صحت لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿيون ۽ ان جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.

هن ٺهراءَ جو مقصد عوام کي ان مسئلي کان آگاهه ڪرڻ ۽ شادي جي عمر جي حد 18 سال مقرر ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي.

اهو ٺهراءُ گذريل ڏينهن جمع ڪرايو ويو هو.

اپريل 4, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو