سکر: شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي دعائيھ تقريب منعقد

Spread the love

سکر( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين ۽ 73 جي آعين جي خالق شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پ پ آفيس ليبر ڪالوني ۾ دعا تقريب منعقد ڪئي

 جنهن ۾ پ پ ورڪرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي دعا تقريب کي خطاب ڪندي سکر هائوس پ پ اڳواڻ سيد زاهد شاھ بخاري چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي عالمي سامراجي قوتن بي گناھ قتل ڪرايو

جيڪڏهن اڄ هو زنده هجي ها ته پاڪستان ڏاهن ڪنهن کي به ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت ئي نه ٿئي ها پر ملڪ جي دشمنن کيس هڪ سازش تحت عدالتي قتل ڪرايو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي 73 جو آعين ڏنو جيڪو اڄ به لاڳو آھي

غريب عوام سان همدردي طور ( روٽي ڪپڙا ۽ مڪان) وارو منشور ڏنو پاڪستان کي ايٽمي قوت بنائڻ لاء بنياد رکيو جڏهن ته سڀ کان وڏو فيصلو قاديانن کي ڪافر قرار ڏنو جنهن سبب کيس شھيد ڪيو ويو اڄ ان انقلابي شخصيت جي ورسي آھي

 الله پاڪ کان دعا آھي تي کيس قبر ۾ درجات بلند فرمائي۔سيد زاهد شاھ بخاري جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀٽو خاندان ملڪ ۽ قوم لاء جيتريون قربانيون ڏنيون آھن

 اوتريون قربانيون ڪنهن به جمائت ناهن ڏنيون جڏهن ته شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نالي سان منصوب بينظير ڪفالت پروگرام ملڪ جي غريب عوام جي گهرن جي ڪفالت جو ذريعو بڻيل آھن جنهن مان غريب ماڻھون لاڀ حاصل ڪري پيو.

اپريل 4, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو