جوابدار عورت خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي: پطرس مقبول
نوابشاھ ( رپورٽ: فدا حسين رند) ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ايسرپورہ جي رھواسي مردن ۽ عورتن پطرس مقبول، سليم نوني، صوفي ڀورت روبي، جوزفين، نذيران، نازيه ۽ ٻين نواب شاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته اسان جي پاڙي ۾ رھندڙ ھڪ بااثر عورت نالي فوزيه سندس مڙس يوسف مسيح ۽ سندس پٽن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي،
ھنن چيو ته ھي عورت وياج تي پئسا ھلائڻ سان گڏ فحاشي پڻ ڦھلائي رھي آھي جنھن جي ڪري اسان شريف ماڻھو ھنن جي اھڙين حرڪتن کان تنگ ٿي ويا آھيون، جڏھن ته پوليس به ھن عورت جي پٺڀرائي ڪندي اسان شريف ماڻھن کي تنگ ڪري ٿي،
ھنن چيو ته گذريل رات ھن عورت ڪجھ خانگي ڪپڙن ۾ ملبوس ماڻھن موڪليا جن اسان گھر تي چڙھائي ڪري اسان جي عورتن کي حراسان ڪري ڌمڪيون ڏنيون،
ھنن ڊي آئي جي، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مذڪورہ عورت خلاف ڪارروائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
اپريل 4, 2024