اسان پري کان سيوھڻ اچون ٿا پر ٽوڪن نٿو ملي، بيمار آھيون خدارا ٽوڪن وٺرائي ڏيو : مستحقين
سيوهڻ (شريف: رپورٽ محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ تعلقي جي نادرا آفيس ۾ مقرر انچارج رضوان ميمڻ جي نااهلي سبب ھن ڀلاري مھيني رمضان المبارڪ ۾ روزيدارن جو بـ خيال نـ ڪيو، سيوهڻ توڙي آس پاس کان شناختي ڪارڊ ۽ ٻيا ڪاغذات ٺهرائڻ لاء نادرا آفيس سيوھڻ ايندڙ عوام دربدر ٿيڻ لڳو،
ڪيترن ڏينهن کان عوام کي لائن ۾ بيهڻ باوجود به عوام ٽوڪن کان محروم، سندن شناختي ڪارڊ ،ب فارم ۽ ضروري ڪاغذات رولڙي جو شڪار ٿي ويا آھن، نادرا آفيس ۾ آيل عوام چيئرمين نادرا کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آھي، ۽ نادرا انچارج کي فورن هٽائي ڪو ايماندار ۽ فرض شناس انچارج مقرر ڪيو وڃي،
سيوھڻ جي نادرا آفيس ۾ آيل عوام سنڌ پريس ڪلب سيوھڻ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ اسان پري کان سيوھڻ اچون ٿا اسان کي ٽوڪن نٿو ملي، اسان بيمار آھيون اسان کي خدارا ٽوڪن وٺرائي ڏيو،
اسان جي پريشاني ختم ڪرايو ته جيئن اسان جو مسئلو حل ٿي سگھي، انھن خبرن کانپوء جڏھن مون نادرا انچارج سيوھڻ سان فون تي رابطو ڪيو ته ان جو چوڻ ھئو تہ سائين رمضان شريف جو مھينو آھي ،
اسان وٽ ٽائيم تمام گھٽ آھي، پھرين ٽائيم صبح 09 بجي کان شام 05 بجي تائين ٽائيم ھوندو ھئو تہ اسان ٽوڪن 150 ھلائيندا ھئاسين،
ھاڻي آفيس جو ٽائيم صبح جو 09 بجي کان منجھند 02 بجي تائين آھي، اسان وڌ ۾ وڌ ٽوڪن 70 کان 80 ھلايون ٿا ، اسان جي سينٽر تي تمام گھڻي رش آھي ، ٽائيم گھٽ ھئڻ ڪري عوام کي پريشان ٿيئڻو پئجي رھيو آھي ،
رڳو عوام پريشان نه پر انھن سان گڏ نادرا آفيس جا آفيسر ۽ ملازم به پريشان آھن ، مون نادرا جي آفيسر صاحبان کي ٻڌايو آھي، انھن جو چوڻ آھي ته اوھان کي عيد کانپوء موبائل سروس ڏينداسين،
جڏھن اسان جي سينٽر کي موبائل سروس ملي ۽ رمضان شريف جو ٽائيم ختم ٿيندو ته پوء انشاءالله عوام کي ڪابه شڪايت نه رھندي، مان سيوھڻ نادرا سينٽر تي ايندڙ عوام کي گذارش ڪندس ته ڪجھ ڏينھن تڪليف برداشت ڪن، انشاءالله جلد عوام جا مسئلا حل ڪيا ويندا ،باقي رھي ڳالھ ته جيڪي ماڻھون اسان تي الزام ھڻي رھيا آھن، ته سفارش تي ٽوڪن ھلن ٿا،
اھڙي ڪابہ ڳالھ نه آھي، ھن سينٽر تي مانجھند ، نئينگ شريف ، ڀان سيدآباد ۽ سيوھڻ تعلقي کان ماڻھون اچن ٿا، انھن کي نااميد ڪرڻ نٿو چاھيان.
اپريل 3, 2024