سکر: منشيات فروش، جوا، آڪڙا پرچي هلائيندڙ ۽ اشتهاري جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو
سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) ايس ايس پي سکر عابد علي بلوچ جي هدايت تي ايس ڊي پي او سائيٽ ميڊم پارس بکراڻي جي اڳواڻي ۾ ڏوهارين سميت سماجي براين ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڇاپاھڻي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو پوليس ترجمان محمد بخش بلوچ پاران جاري ڪيل بيان موجب
ايس ايس پي سکر عابد علي بلوچ جي هدايتن تي ايس ڊي پي او سائيٽ ميڊم پارس بکراڻي جون ڪامياب ڪارروايون، شهر جي مختلف علائقن ۾ منشيات فروش، جوا، آڪڙا پرچي هلائيندڙ ۽ اشتهاري جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو.
گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ڦر ٿيل سامان آڪڙا پرچي بوڪ ، مختلف قسم جي جوا جي راند جو سامان ۔ موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي.
جڏهن ته ٻين ڪارروائين دوران جوابدارن وٽان 2500 گرام کان وڌيڪ منشيات ۽ گٽڪا ماوا هٿ ڪيو ويو آھي مختلف ڪيسن ۾ ملوث ڪيترن ئي اشتهاري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي۔
ايس ايس پي سکر عابد علي بلوچ سماجي براين ۔ڏوهي ۽ روپوش جوابدار گرفتارڪرڻ ڪرڻ تي پوليس ٽيم کي مبارڪباد جو پيغام ڏنو آھي.
