گاجي کھاوڙ ۽ ڀرپاسي جا مسئلا آخر ڪير ھل ڪرائيندو!
شيراز حسين گاڏھي
زراعت حوالي سان ضلعي قمبر شھدادڪوٽ تعلقي وارھ جي وڏي آبادي سان پھچان رکندڙ گاجي کھاوڙ شھر جيڪو ڪيترن ائي مسئلن جي ور چڙھيل جنھن جو اپت حوالي اھم مسئلو سارين جي فصل وقت پوکائي سبب پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿيندي آھي جنھن سبب ھاري آبادگارن وڏي مونجھاري منجھ مبتلا رھندا آھن ان بعد تازو آيل برساتي ٻوڏ جنھن سبب مسڪينن جا اجھا ڊرھي پٽ پئجي ويا ۽ پوکيل فصل به تباھ ٿي ويو جنھن ڪري علائقي ۾ ڏڪار واري چٽي صورتحال ڇائنجي وئي ھئي ان ازالي جي مد ۾ وفاقي حڪومت پاران گھرن جي تعميرات جو اعلان پڻ ڪيو ھيو اعلان کي ھڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ھن وقت تائين 10 ڏھ سيڪڙو به گاجي کھاوڙ جي شھر ۽ ڀرپاسي اندر ڪون ٿي سگھيو آھي مگر جتي ٿوري گھڻي مقدار ۾ ٿيو آھي ته اھو به سياسي سورسز ۽ ياري باشي حوالي سان ڪم ھلڻ لڳو آھي مسڪين ويتر ڏکين ڏينھن کي منھن ڏيڻ لڳا سياري جي سرد راتين ۾ ڏڪندا رھيا ضلعي انتظاميا ۽ اين جي اوز ادارا به خوشاھمند تي ڪم ھلائڻ ۾ پورا رھيا. جڏھن ته ضلعو قمبر شھداد ڪوٽ برساتي ٻوڏ ۾ سڀ کان پھريان متاثر ٿيو ھيو ان ضلعي جو سمورو پاڻي تعلقي وارھ اندر داخل ٿي ڪري گاجي کھاوڙ جي ايريا ۾ بيھي رھيو پاڻي بيھڻ بعد مڪمل علائقو پاڻي جي لپيٽ ۾ مبتلا ٿي ويو پو۽ گاجي کھاوڙ شھر کي چوفير پاڻي وڪوڙي ويو ھيو جڏھن گاجي کھاوڙ واسين پنھنجي جان آجي ڪرڻ لا۽ ٻاھرين شھرن ڏانھن رک پڻ ڪيو ھيو مطلب دربدري واري زندگي ۾ شامل ٿي ويا ھيا. پو۽ ائين ٿيو جو ڪجھ مھينه گذرڻ بعد ھڪ ورلڊ فوڊ نالي اين جي اوز اچي پھتي جيڪا علائق ۾ راشن تقسيم ڪرڻ لا۽ ڳوٺن ۾ داخل ٿي سروي بعد گاجي کھاوڙ سٽي کي به ان اين جي اوز اداري سياسي شخصيتن جي سڏ جي آجيان ڪندي نيٺ ان اداري به شھر کي مڪمل نظر انداز ڪيو ڇڏيو مطلب مڪمل ايريا جي سروي ڪري گاجي کھاوڙ کي نشاني تي بڻايو ويو جڏھن اين جي اوز ڊسٽري بيوٽر پوائنٽ مطلب ورھاست واري جا۽ اھا به گاجي کھاوڙ ۾ لڳائي وئي جڏھن ته يوسيون به من پسندي ۽ سياسي سورسز تي ورھاست ۾ ھلڻ لڳيون ڪٿي کوٽ ته ڪٿي واڌ وارو چڪر ھلڻ لڳو اين جي اوز جا عملدار ڇوٽ ياريون باشيون ھلائڻ ۾ مصروف ٿيڻ لڳا ليڪن حقدار رھجي ويا.ان کان بعد شھر توڙي علائقي واسين سيلر مل اڳواڻن ۽ دڪاندارن لا۽ گاجي کھاوڙ ۾ بئنڪ جي سھولت به موجود ناھي جنھن ڪري ھو بدامني جي ور چڙھيل آھن ۽ آئي ڏينھن فرن ۽ چورين جو سلسلو عام بڻيل آھي. ان کانپو۽ گاجي کھاوڙ ۾ عيد گاھ نه ھجڻ ڪري شھر واسي فوتگي دوران توڙي جو عيد ڏھاڙي پڌري پٽ روڊن رستن تي نٽھڻ اس تي نماز ادا ڪئي ويندي آھي ان بعد گاجي کھاوڙ شھر توڙي ڀرپاسي واري زمينن ۾ شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ ۽ ڀڳل ٽٽل سمن موڪن جي بحالي نه ڪرڻ ڪري به ھاري آبادگارن کي وڏو نقصان پلئي پوندو آھي ان بعد شھر جي پي پي ايڇ آ۽ ھاسپيٽل ۾ ڪتي ڏاڙھيل ماڻھن لا۽ مٿس کان انجيڪشن به ٽرانسفر ناھي ڪئي ويندي جنھن سبب ڪتي کاڌل ماڻھن کي پري پري جي شھرن جا ڪيئي بار چڪر ڪاٽڻا پوندا آھن ان بعد گاجي کھاوڙ شھر جي لائبريري منظور ھجڻ ۽ منزل به موجود ھئڻ بعد ان لا۽ فرنيچر در دريون دروازا فرنيچر مطلب مڪمل قيام نه ھجڻ ڪري شعور وند شھري شاگرد سياسي سماجي صحافي برادران بيچين پئي بڻيا ان بعد گاجي کھاوڙ بس اسٽاپ ڀرسان پوليس اسٽيشن واقعي آھي جنھن جي منزل آيل برساتي ٻوڏ سبب مڪمل زبون بڻجي چڪي ھئي جنھن جو ڪوئي به نئين سر تعميراتي ڪم ناھي ٿي سگھيو جنھن جو مڪمل سيٽ اپ عارضي طور تي عملدارن واري رھائشي ڪوارٽرن ۾ تبديل بڻيل آھي ان بعد گاجي کھاوڙ شھر جا ڪيترائي نيڪال ۽ گھٽيون درھم برھم ھئڻ ڪري رھواسين پاڙيسرين کي مينھوڳي سبب عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن اگر گاجي کھاوڙ جي پسگردائي وارن جي ڳوٺن تي به نظر فيرجي ٿي ته اتي به انتھائي مشڪلاتون ڏسڻ وٽان ملن پيون گاجي کھاوڙ وايا ڪڙيو سبڙ روڊ جيڪو ڪيترائي ڀيرا منظور ھجڻ بعد ان جو موجوده وقت جيڪو ڪم ٿيو آھي ته انتھائي کنڊير بڻيل آھي روڊ جو ڪم شروع ٿيڻ بعد روڊ کي اڌ ۾ فٽو ڪري رھواسين کي ڏفيڙ ۾ وڌو ويو آھي ان ۾ ناقص مٽيريل پڻ استعمال ڪيو ويو آھي جنھن جو ڪم تمام سست رفتار ھلڻ بعد ان کي مڪمل طور فٽو ڪري ان جي ڪابه سار ناھي لڌي وئي روڊ جو ڪم اڌ ۾ فٽو ٿيڻ ڪري رھواسين جي موٽر بائيڪ روان دوان ٿيڻ ڪري ھرروز پنڪچر ٿيڻ جو سلسلو عام آھي ۽ رات ويلي مريضن کي شھر ڏانھن کڻي اچڻ ڪري سندن کي بيحد ڏکيائون سامھون اچي رھيون آھي علائق واسين جو سوشل ميڊيا چئنلن پرنٽ ميڊيا تي ڪيرائي ڀيرا ڪيل ڪوڪون نشر ھئڻ بعد به ڪوئي کڙتيل ڪون نڪتو تڪ جا چونڊيل نمائندا ۽ اعلاعملدار سموري انتظاميا ڄاڻي واڻي روڊ جي بحالي کان بي ڌياني ۾ رڌل پئي رھيا ن بعد گاجي کھاوڙ جي يوسين جا 2010 واري ٻوڏ کان 2022 واري برساتي ٻوڏ گذرڻ بعد به ڪيرائي روڊ اکڙيل حالت ۾ موجود آھن انھن جو ڪوئي به بحالي جو ڪم ناھي ٿي سگھيون اکڙيل روڊن سبب ڪيترائي واقيعا پيش آيا رھيا ۽ جوانيون اجل جو شڪار پڻ ٿي ويون ان بعد يوسين جي ڪيترن ائي ڳوٺن جو پلون به زبوني حال بڻيل آھن مگر ان تي به واڳ ڌڻين جي نظر ڪان پئي پوي ان سبب زندگيون داء تي لڳل رھيون ڳوٺاڻن کي اچڻ وڃڻ ۾ مشڪلاتون اچڻ لڳيون آھن. ان بعد يوسين جي ڳوٺن ۾ انھاري وقت مڇرن جو وڏو آزار بڻيل آھي ۽ ڳوٺاڻا مليريا گيسٽرو سميت ڪيترين ئي بيماري ۾ وڪوبا رھندا آھن مگر يوسي جي زميوار نمائندن ڪڏھن به اسپري ڳوٺن اندر نه ڪرايا آھن جنھن سبب مسڪين پورھيت ڳوٺاڻا ھيڻا ٿي پوندا آھن ۽ علاج جي به سندن کي سگھ ڪون ھوندي آھي ۽ معصوم ٻار به پنھنجون بيمارين سبب زندگيون داء تي ھونديون آھن.ان بعد يوسين جون تعليمي درسگاھون ڪيترن ائي ڳوٺن ۾ موجود ڪون آھن ۽ جتي عمارتون موجود آھن ته اتي مڪمل ڊرھي پٽ پئجي چڪيون آھن جڏھن ته فرنيچر سڪي ڊرھي ڀورا ڀورا ٿي ويو اٿن ۽ پڌري پٽ استاد ٻارڙن کي تعليمي زيور ڏيڻ تي مجبور آھن ۽ ڳوٺن ۾ موجوده ماحول انتھائي خراب ٿي چڪو آھي بدامني جي باھ وڏي پئماني تي ڀڙڪيل آھي جڏھن ته ڳوٺن ۾ نمائندن انتظاميا پاران سرچ لائيٽون نه لڳائڻ سبب چورين جو مرحلو عام ٿي ويو آھي آئي ڏينھن چورين جو سلسلو جاري ساري بڻيل آھي مسڪينن جي گھرن ۾ کاٽ ۽ چوپائي مال جي چورين جو ته سلسلو به عروج تي آھي .آخر مسئلا ته مسئلن ۾ رھجي چڪا آھن مگر مسئلا سواليه نشان به بڻيل آھن آخر ھي مسئلا ڪيئن ۽ ڪڏھين ھل ڪرائبا .گاجي کھاوڙ ۽ علائقي واسي نيٺ ڪوڪون ڪندي ڪندي ڳل سڪائي ته ڇڏيا مگر مطالبن جي جنگ به ھارائي ويٺا ضلعي انتظاميا کي ڪو ڪھل ڪون آيو اختيارات سنڀاليندڙ ضلعي انتظاميا به جٺون ڪرڻ ۾ عوام جي ڪا قصر ڪان ڇڏي مطالبن جي مڃتا وارو الفاظ به ڀوڳ ٿي پيو عوام به نيٺ دانھون ڪندي ٿڪجي پئي سنگين مسئلا ساڳي ھنڌ تي الٽا پلٽا رھيا شھري ڳوٺاڻا نظر انداز ائي انداز ۾ رھيا.وري ھاڻي وقت ووٽن جو مٿان اچي کڙو ٿيو ته تڪ جي واڳ ڌڻين ساڳي ريت عوام کي بيوقوف بڻائڻ ۾ ووٽن جي حاصلات ۾ مشغول رھيا. عوام ڏانھن ڏسجي پيو ته ڪجھ سندن ۾ تبديلي شعور جو واء گلھڻ وٽان ڏسجي پيو.
اپريل 1, 2024