پاڻي مٿي جھوپڙا……
عثمان جيسر
قدرت ھن ڌرتي تي ٽي حصا پاڻي ۽ ھڪ حصو زمين پيدا ڪئي آھي. جنھن ۾ سمنڊ نالو ئي آھي گھري ۽ اونھي پاڻيء جو. ان پاڻي جي اندر جيڪي وسيلا، لعل، ھيرا ۽ موتي آھن اھي قومن جي ترقي ۽ خوشحالي جي علامت هوندا آھن. تڏھن اسان جي ھاديء، ڀٽ جي ڌڻيء ھدايت ڪندي چيو آھي تہ؛
سيوا ڪر سمونڊ جي،
جتي جر وھي ٿو جال،
سوين سپجن سير ۾ ماڻڪ، موتي، لعل،
جي ماسو ملئي مال تہ پوڄارائي پُر ٿئين.
دنيا ۾ جيڪي ملڪ سمنڊ جي ڪنارن تي آباد آھن اھي خوشحال ۽ تاريخي پسمنظر رکندڙ آھن. سنڌ بہ انھن مان ھڪ آھي. جنھن جي سامونڊي پٽي ساڌا ٽي سو ٣٥٠ ڪلوميٽرن تي مشتمل آھي. بحر جو اھو ڪنارو سونھري بيچ، مبارڪ وليج کان شروع ٿئي ٿو، جتي خوبصورت ٻيٽ پڻ موجود آھن. ديھ گابو پٽ، يوسي گابو پٽ جي تاريخي اھميت سنڌ جي تاريخدان متحرم گل حسن ڪلمتي صاحب جي ڪتابن ۾ پڻ ايان آھي.
ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي جو ھي حصو مائي ڳاڙھي کان شروع ٿي حب رينجرس چونڪي کان ٿيندو، حب ندي جي کاٻي ڪپ سان مختلف ننڍن وڏن ڳوٺن کان ويندي سنڌي سمنڊ جي سونھري بيچ تائين پھچي ٿو. جنھن جو آخري ڳوٺ ڀَٽِ کوڙي آھي. ھاڪس بي کان ٿيندو ماڙيپور، ٻڌڻي ڳوٺ، مشرف ڪالوني، ڪياماڙي، مواڇ ڳوٺ، رئيس ڳوٺ، آسڪاڻي ڳوٺ ۽ ھتان جي قديمي رھاڪو گھڻ پڙھي پرائمري استاد سائين عبدالغفور ڪلمتي جي مولاداد لٺي ڳوٺ، ڀنڊن ۽ خاصخيلين جي ڳوٺن کان علاوه آفيسرس ڪالوني پڻ ھن ايريا ۾ آھي. 37000 کان وڌيڪ گھرن جي آبادي رکندڙ ھي علائقو سمنڊ ڪناري تي آباد آھي. جيڪو ڪشمور کان وٺي سموري سنڌي ماڻھن جي ھر مڪتبہ فقر رکندڙ مٿئين ڪلاس توڙي وچولي ۽ ھيٺين ڪلاس جو توجھ چاھي ٿو. ڇاڪاڻ تہ لطيف سائين فرمايو آھي تہ؛
سمونڊ جي سيوين،
تنين ماڻڪ ميڙيا،
ڇلر جي چوئين،
تنين سانکوٽا ۽ ستيون.
ان ڪري مستقبل ۾ ھن ايريا کي محفوظ بڻائڻ لاء ۽ پنھنجا واپاري لاڳاپا بلوچستان جي لس ٻيلي تائين رھندڙ سنڌين کان ويندي ايران تائين قائم رکڻ لاء ھن سونھري ۽ خوبصورت زمين کي اپنائڻو پوندو.
ڪراچي صدر کان ٢٢ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي حب رينجرس چونڪي کان ھاڪس بي ويندڙ روڊ تي ٺھيل مھراڻ ڳوٺ جيڪو ھڪ سنڌ پرست قومي اڳواڻ ڀائو نورالدين جمالي، ثابقہ ڊي سي ڪياماڙي محترم جناب مختيار ابڙو صاحب، محترم سائين دادلو زھراڻي صاحب ۽ ٻين ڪيترن ئي سنڌ پرست آفيسرس جي تعاون سان وجود ۾ آيو آھي. جيڪو ھڪ مثالي قومي ڳوٺ آھي، جنھن جي نقشي جي ڪٽنگ ۾ ھر پلاٽ ١٢٠ گزن جو، ھر گھٽي ٣٠ فٽن جي، مکيہ رستو ٨٠ فٽن جو ۽ ٻاھريون رنگ روڊ ٥٠ فٽن جو آھي. جنھن جي چئن بلاڪن ۾ اسڪول جي لاء ۽ ان سان گڏ پارڪ جي لا الڳ الڳ پلاٽ رکيل آھن. مکيہ رستي سان ڪميونٽي ھال، لائبرري، ڪاليج، پارڪ، گرائوڊ ۽ مارڪيٽ لاء الڳ رٿا بندي ٿيل آھي. اھڙي قومي ڳوٺ ۾ ھن وقت بہ ٧٠٠ کان مٿي گھر موجود آھن، مون سميت٢٠٠ کان مٿي ماڻھن جا ووٽ ب ھتي ئي داخل ٿيل آھن ۽ سنڌ جي ٨٠ ذاتين جا ماڻھون رھن ٿا. ڳوٺ ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول پڻ ٻارن کي بھترين تعليم ڏيڻ لاء ڪم ڪري رھيو آھي. اسڪول ۾ ١٢٢ ٻار تعليم پرائي رھيا آھن ۽ شام جو مھراڻ لرننگ اڪيڊمي ۾ انگلش، ميٿ ۽ سائنس جا سبجيڪٽ پڙھايا وڄن ٿا. ڳوٺ ۾ تعليمي ماحول بھتر ڪرڻ لاء اسڪول ۽ اڪيڊمي جون انتظامي ڪاميٽيون ڏينھن رات محنت ڪري رھيون آھن. ڳوٺ جي واڌ ويجھ لاء سنڌين جي خوشحالي جا خواب اکين ۾ سمائي رکندڙ ڀائو نورالدين جمالي، منصور ڏنور، چاچو فقير محمد تنيو ۽ سندن مقرر ڪيل ڪاميٽي پنھنجي وس ۽ مالي وسائل جي گھٽ تائي باوجود پنھنجي حال کان بہ وڌيڪ ڏينھن رات محنت ڪري ڳوٺ جي فلاح ۽ بھبود لاء ڪم ڪري رھيا آھن.
سنڌ جي ننڍن شھرن ۽ خاص ڪري ڳوٺن ۾ رھندڙ ماڻھن کي جتي آبادي وڌڻ جي ڪري وسيلن جي کوٽ ٿي آھي، مشينري جي اچڻ ڪري ھاري جو ڪم ڏينھون ڏينھن گھٽبو پيو وڄي ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر اچڻ جي ڪري ڄڻ ھاري جي اھميت ختم ٿيندي پئي وڄي، جتي اسڪول بند ھجڻ جي ڪري ٻار تعليم کان محروم آھن، جتي وڏيرن جي ظلم ڪري ماڻھون بيوس ۽ لاچار آھن، جتي ماڻھون بک بيماري ۽ بد حالي کي منھن ڏيئي رھيا آھن، انھن سڀني سنڌين لاء ضروري آھي تہ ھن طرف توجھ ڏين ۽ ھيڏاھن جو رک ڪري پنھنجون محبتون ۽ توقعات سمنڊ سان ڳنڍين ت جيئن سندن ٻچن جو مستقل محفوظ ۽ خوشحال ٿي سگھي. جنھن لاء لالئون لعل لطيف چيو آھي تہ؛
سي پوڄارا پر ٿيا سمنڊ سيويو جن،
آندائون عميق مان
جوتيون جواھرن،
لڌائون لطيف چئي
لالون مان لھرن،
ڪانھي قيمت تن
ملھ مھانگو ان جو.
ان ڪري سمورن سنڌين کي پنھنجي اقتصادي مفادن کي نظر ۾ رکندي،پنھنجي شاندار مستقبل لاء ۽ ھن تارخي اھميت واري پاسي جي مالڪي ڪرڻ لاء ھن علائقي کي پنھنجو ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ ھتي نہ صرف پنھنجا ڪاروباري مقصد حاصل ڪري سگھجن ٿا پر روزگار بہ جھجھو ملي سگھي ٿو. ھتي حب چوڪيء جون فيڪٽريون، مائي ڳاڙھي تائين مختلف ملون ۽ شير شاھ جي ڪاٻاڙي مارڪيٽ کان ويندي صنعتي زون موجود آھي. سي پيڪ پلان مطابق حب کان دُريجي ۽ اتان دادو تائين روڊ جي رٿا بندي ٿيل آھي جنھن جي فزيبلٽي رپورٽ تيار ھجڻ جي ڪري ان تي ويجهڙ ۾ ڪم شروع ٿيڻ وارو آھي، جنھن ڪري ھي علائقو سنڌ جي ٻين سمورن ضلعن سان وڌيڪ ويجھو ٿي ويندو. جتان سموري سنڌ سان واپار ڪرڻ ۽ اچ وڃ ۾ نھايت آساني پيدا ٿي ويندي، پنڌ گھٽ ٿيڻ جي ڪري ٽائيم ۽ پيسي جي پڻ بچت ٿيندي.
تانگھي ۾ تاڻي ٻَڌُ پنھنجو تُرھو،
اونھي ۾ آڻي ڪو نہ ڏيندئي ڪو ٻيو.
(شاھ)
اپريل 1, 2024