ھنڱورجا تعلقي سوڀوديرو جي سيال مائينر جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن جو احتجاج
رسول آباد( رپورٽ: حب علي جهانگر) ھنڱورجا تعلقي سوڀوديرو جي سيال مائينر جي کاٽي نه ٿيڻ جي خلاف آبادگارن ۽ ھارين جو احتجاجي مظاھرو ڌرڻو
51 ھين ڏھاڙي به بک ھڙتال جاري تفصيل موجب تعلقي سوڀوديرو جي سيال مائينر شاخ جي ٽن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ جي خلاف هنڱورجا۾ آبادگارن ۽ ھارين ڪامريڊ لونگ خان حطار .منير سھتو .عجيب جانوري محرم منڱڻيجو محمد وريام منڱڻيجو جي اڳواڻي ۾ آبادگارن ۽ ھارين هڱورجا سخي ناصر شاھ گيٽ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ب
عد ۾ آبادگارن چيو ته مطالبن جي مڃتا لاء بک ھڙتالي ڪئمپ جاري رکي ويندي احتجاج ڪندڙن الزام لڳايو ته سيال مائينر شاخ جي ٽن سالن کان کاٽي نه ٿي سگھي آھي جنھن جي ڪري شاخ مڪمل طور گندگاھ ۽ مٽي سان ڀرجي وئي آھي
جنھن سبب پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پئدا ٿي وئي آھي ۽ پاڻي جي نه هجڻ سبب ڪڻڪ جو فصل باغات سبزين کي به وڏو نقصان پهتو آهي ھنن چيو ته 51 ڏينھن گذري ويا آھن
پر ڪير اسان جي احتجاج جو نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناھي ھنن آبپاشي کاتي جي ڪامورن رڪارڊ ۾ شاخن جي کاٽي ڄاڻائي ڪروڙين روپيه ھڙپ ڪري ويا آھن ھنن وزيراعلي سنڌ آبپاشی وزير تعلقي ۽ ضلعي انتظاميہ کان مطالبو ڪيو آهي ته سيال مائينر شاخ جي کاٽي ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
اپريل 1, 2024