سڪرنڊ ۾ 21 رمضان المبارڪ: ختم القران ۽ 50 حافظن جي دستار بندي تقريب
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ جي مدرسي جامع ابن عباس طيب سٽي سڪرنڊ ۾ قاري زين العابدين هاليجوي ۽ سڪندر ذوالقرنين هاليجوي جي ميزباني ۾ 21 رمضان المبارڪ تي ختم القران ۽ 50 حافظن جي دستار بندي جي هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي
جنهن کي خصوصي خطاب ڪندي درگاھ هاليجوي شريف جي سائين عبدالقيوم هاليجوي جن چيو ته مسلمان ٻڌي ڪن ته سڀ ڪجھ ڪري سگهن ٿا پر افسوس جو مسلمان پنهنجي مفادن ۾ جڪڙيل آھن
هن چيو ته حڪمران پنهنجن کي ڪچلڻ ۾ پورا آھن، درگاھ پير ذاڪري جي گادي نشين سيد محمد منير شاھ خطاب ڪندي چيو ته فلسطين جا مسلمان تنها ٿي ويا آھن اسرائيل هڪ ننڍڙو ملڪ آھي اگر سڀ مسلمان ملڪ هڪ ٿي وڃن
ته اسرائيل کي جهڪائي سگهن ٿا پر هر ڪنهن جا مفاد آھن جن جي ڪري ڪير مظلوم فلسطينين جو آواز نٿو ٻڌي، پروگرام ۾ مشھور نعت خوان امداد الله ڦلپوٽو نعتون پڙھي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا،
جڏهن ته مولانا الھڏنو چنا، زين العابدين راهو سميت ٻين خطاب ڪري رمضان المبارڪ ۽ دين جي خدمت لاء قران پاڪ جي حافظن جي اهميت تي روشني وڌي ۽ دين محمدي سميت حق جي واٽ تي هلڻ جي تلقين ڪئي،
ان موقعي تي پنجاھ حافظن جي دستار بندي پڻ ڪئي وئي جڏهن ته پروگرام ۾ وڏي تعداد ۾ سياسي سماجي شخصيتن، علماء ڪرام طالبن ۽ شھرين شرڪت ڪئي.
اپريل 1, 2024