سرسو جي “سرتيون سنگ” دڪان تي عيد جي مناسبت سان ھٿ جي ھنر وسيلي تيار ٿيل شين جو وڪرو 65 سيڪڙو رعايت تي ڪيو ويندو

Spread the love

سکر ( رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ   ) سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) محمد ڏتل ڪلهوو ڪالھ چيف فنانشل آفيسر (سي ايف او) آصف کهڙو، مائيڪرو فنانس جي سربراه شازيه شيخ ۽ جنرل مئنيجمينٽ الياس شيخ سان گڏجي سرتيون سنگ دڪان جي عيد اسپيشل رعايتي ڪائونٽر جو افتتاح ڪيو،

انھيءَ ڪائونٽر وسيلي ھٿ جي ھنر وسيلي تيار ڪرايل سمورين شين جي خريداريءَ تي 65 سيڪرو تائين رعايت ڏني ويندي. واضح رھي تہ سرتيون سنگ آئوٽ ليٽ سرسو ڪامپليڪس جي اھاطي ۾ واقع آھي.

ان موقعي تي سرسو جي مختلف شعبن جا سينيئر مينيجر نويد ميمڻ، شاهزيب حسين مهر، صوفي رياض جلالاڻي، نعمت الله شيخ، محمد اڪرم شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. نمائش ۾ ھٿ جي ھنر مان تيار ٿيل ڪيتريون ئي شيون رکيون ويون آهن

جن ۾ اجرڪ، رليون، ڀرت ڀريل ڪپڙا،  کجيءَ جي پنن مان ٺهيل روايتي شيون ۽ ڪڻڪ جي تِيلن مان ٺھيل پِنڊيون، هٿ سان ٺاهيل زيور، وال هينگنگ ۽ چاٻين جا ڇَلا توڙي ٻيون شيون شامل آھن. سرسو جي سربراھ محمد ڏتل ڪلھوڙو ان موقعي تي چيو تہ سرسو جي آئوٽ ليٽ تي 65 سيڪڙو رعايت سان وڪرو ٿيندڙ شين جي خريادريءَ سان ٻهراڙين جي ھنرمند حوصلا افزائي ٿيندي. ٻڌايو ويو آھي تہ شين جو رعايتي اگھ تي وڪرو عيد رات تائين جاري رھندو.

مارچ 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو