خانداني منصوبه بندي تائين عورتن جي پهچ ملڪ جي معيشت ۽ وسيلن تي آبادي جي وڌندڙ دٻاءُ کي گهٽائي علي اصغر
پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو ستين نمبر وڏو ملڪ آهي ۽ 2023 جي مردم شماري جي سرڪاري انگن اکرن موجب پاڪستان جي ڪل آبادي 241 ملين کان وڌيڪ آهي. فيملي پلاننگ هاڻي آبادي جي ڪنٽرول لاءِ صرف شادي شده جوڙا رضاڪارانه طور تي استعمال ڪري سگهن ٿا ۽ ڪنهن به شهري کي خانداني منصوبه بندي استعمال ڪرڻ تي مجبور نہ ڪري سگهجي. هاڻي ڪو به مرد يا عورت رضاڪارانه طور تي فيملي پلاننگ استعمال ڪندي پنهنجي خاندان کي بهتر بڻائڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو. خانداني منصوبه بندي کي شهري ۽ ٻهراڙي جي عورتن تائين پهچائڻ لاءِ UNFPA پاڪستان جي حڪومت سان گڏجي سڄي ملڪ ۾ سرڪاري کاتن، سول سوسائٽي ۽ خانگي شعبي جي سهڪار سان ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن خانداني منصوبابندي تائين هر شهري جي پهچ کي ممڪن بڻائي سگهجي عہ ملڪ جي معيشت ۽ وسيلن تي وڌندڙ آبادي جو دٻاءُ گهٽجي سگهي ٿو.
پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو اڃا به ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهي ٿو جتي صحت جي سهولتن ۽ خانداني منصوبابندي جي سهولتن جو فقدان آهي، جنهن سبب ڏورانهن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي عورتن ۾ نه رڳوخانداني منصوبه بندي جي شعور جي کوٽ آهي پر فرسوده رسمن جي ڪري انهي عمل سٺو نٿو سمجھيو وڃي. ٻارن جي پيدائش ۾ وقفو نه ڪرڻ سبب عورتن جي صحت وڏي حد تائين متاثر ٿيندي آهي ۽ ڪمزور ٻار پيدا ٿيندا آهن. ڳوٺاڻن علائقن ۾ غربت جي ڪري والدين پنهنجي ٻارن جي تعليم، خوراڪ ۽ صحت کي اوليت نٿا ڏئي سگهن، ان ڪري اهڙيون عورتون گهر جي ڪم ڪار ۽ ٻارن جي سار سنڀال تائين محدود ٿي وڃن ٿيون. سنڌ صوبي جي 46 سيڪڙو آبادي اڃا تائين ڳوٺن ۽ ڏورانهن علائقن ۾ رهي ٿي، جيڪي گهڻو ڪري زراعت جي شعبي سان جڙيل آهن. خانداني منصوبه بندي تائين گهٽ پهچ ۽ فرسوده رسمن جي ڪري، آبادي جي واڌ جي شرح اڃا به ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. سنڌ جي ٻن ضلعن مٽياري ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ صحت ۽ آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي سهڪار سان UNFPA پاران صحتمند خاندان جي نالي سان فيملي پلاننگ تائين پهچ جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي. خانگي شعبي ۽ سول سوسائٽي جي سهڪار سان مٽياري ضلعي جي هڪ ضلعي اسپتال، ٻن تعلقي اسپتالن ۽ ٽن ڳوٺاڻن صحت مرڪزن ۾ فيملي پلاننگ جي سھولت فراھم قائم ڪئي ويئي آھي. انھي منصوبي تحت سرڪاري ڊاڪٽرن، نرسن ۽ اسٽاف کي تربيت ڏني ويندي آھي . اهڙي طرح سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ هڪ ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال، ٽن تعلقي اسپتالن ۽ ٽن رورل هيلٿ سينٽرن ۾ فيملي پلاننگ جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.
UNFPA پاران سنڌ حڪومت جي محڪمن جي سهڪار سان مٽياري ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ صحت مند خانداني پروجيڪٽ ذريعي ماڻهن جي خانداني منصوبابندي تائين پهچ کي ممڪن بڻايو ويو آهي. سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ نرسنگ اسٽاف عورتن ۽ شادي شده جوڙن کي خانداني منصوبه بندي جي جديد ۽ محفوظ طريقن بابت آگاھي ڏيئي رھيا آھن ته جيئن اھي خانداني منصوبه بندي تي عمل ڪري پنھنجي روشن مستقبل بابت فيصلو ڪري سگهن. ٻارن جي پيدائش ۾ وقفو ٻارن ۽ عورتن جي صحت لاءِ تمام ضروري آهي. انهن سينٽرن تي ايندڙ عورتن کي ماهر عورت ڊاڪٽرن طرفان فيملي پلاننگ جي سمورن طريقن ۽ طبي سائنس جي حوالي سان انهن جي فائدن بابت ڄاڻ ڏني ويندي آهي. جڏهن اسان پاڪستان جي مجموعي آبادي تي نظر وجهون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته 2017ع جي مقابلي ۾ 2023ع ۾ اسان جي آبادي ۾ واڌ جو تناسب نظر اچي ٿو، جيڪو نه رڳو عورتن لاءِ نقصانڪار آهي پر اسان جي معيشت ۽ وسيلن لاءِ به سٺو ناهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ملڪ معاشي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان کان بچڻ لاءِ اسان کي خانداني منصوبابندي جي طريقن جي رضاڪارانه استعمال لاءِ سماج ۾ آگاهي سان گڏ انھن سهولت تائين ماڻھن ۽ عورتن جي پهچ کي ممڪن بڻائڻ لاء ڪوشش ڪرڻي پوندي. انھي مقصد کڪ حاصل ڪرڻ لاء حڪومت پاڪستان UNFPA جي سهڪار سان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ هر سال ٻارن جي پيدائش دوران جي مناسب وقفو نه ڪرڻ ، خانداني منصوبه بندي جي باري ۾ ڄاڻ جي کوٽ يا مناسب غذا جي کوٽ سبب عورتون مري وڃن ٿيون ۽ ٻار بہ مري وڃن ٿا. ان چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي صحت کاتي ۽ آباد جي ڀلائي وارو کاتو عالمي اداري UNFPA جي سهڪار سان ڪم ڪري رهيا آهن. خانداني منصوبه بندي ذريعي نه رڳو ٻار جي ڄمڻ دوران فوت ٿيندڙ ٻارن ۽ مائرن جو تعداد گهٽائي سگهجي ٿو پر مناسب وقفن سان عورتن جي صحت کي به بهتر بڻائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن فيملي پلاننگ جي سهولت تائين پھچ هر شادي شده جوڙي لاءِ آسان ٿي وڃي ته ان عمل جي مدد سان نوان شادي شده جوڙا پنهنجي زندگين کي بهتر بڻائي سگهن ٿا. ساڳي وقت تي ان عمل سان سرڪاري اسپتالن ۾ نون ڄاول ٻارن ۽ مائرن جي علاج تي ايندڙ خرچ جي بچت ڪري سگھجي ٿي. سماج جي معاشي بهتري لاءِ عورتن جو صحتمند هجڻ تمام ضروري آهي ڇو ته صحتمند عورتون پنهنجي گهر جي ڪم ڪار ۽ ٻارن جي سار سنڀال سان گڏ ڪم يا ڪاروبار به ڪري سگھن ٿيون، جنهن سان اهڙن خاندانن ۾ خوشحالي ايندي، غربت ۾ گهٽتائي ۽ عورتن جو معاشي خوشحالي مي ڪردار پڻ وڌندو. ملڪ جي وسيلن ۽ معيشت تي آبادي جو وڌندڙ داٻاء پڻ گهٽجي سگھندو جيڪا ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ تمام ضروري آهي.
