سڪرنڊ:  ايس ايس پي شهيد بينظير آباد جي حڪم تي پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪاروايون

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ  منشيات کپائيندڙن خلاف ايس ايس پي شهيد بينظير آباد جي سخت حڪمن کان پوءِ سڪرنڊ پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪاروايون جاري.

 مختلف هنڌن تان ڇھ ملزم منشيات سميت گرفتار. مٿن سڪرنڊ ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ هيڊ ڪانسيٽيبل الھ بخش جلباڻي، امان الله ملاح، اختيار علي، غوث بخش ملاح، محمد جاويد  خانزاده ۽ اياز سومرو پاران ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا.

گرفتار ٿيلن ۾ گل شير ولد عبدالصمد ڪيريو، ڳوٺ ميان راڄو، عيدن پٽ ھمت علي رند مهراڻ ڪالوني سڪرنڊ، صيفل عرف ٽوئي پٽ علي شير رند شهيد ڪالوني سڪرنڊ، قاسم رند ڳوٺ خان محمد رند،ٽگهاٽي، زاهد پٽ جعفر ملاح ويٺل ملاح محلا محرابپور روڊ سڪرنڊ ۽ شمن علي پٽ امام علي خاصخيلي ويٺل بخاري محله سڪرنڊ شامل آهن.

 ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ پڻ ٽن ڄڻن عبدالحليم ڪيريو، عبدالوحيد ڪيريو ۽ فياض ڪيريو کي پڻ پوليس گرفتار ڪري مٿن منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.

مارچ 29, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو