لاڙڪاڻي جي تاريخ جو سماجي ڪردار…. دادا عبدالرزاق جتوئي
اياز مير ابڙو
لاڙڪاڻي جي شخصي تاريخ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسين ته ڪو اهڙو شخص ڳوليو وڃي جنهن بغير سياسي سماجي لالچ جي لاڙڪاڻو واسين لاءِ انيڪ سماجي، اقتصادي ۽ شهري ڀلائي جا ڪم ڪيا هجن ۽ سندس ڪردار سماجيت ۽ اخلاقات ۾ مثالي نڀايل رهندو اچي ته اسان جو ذهن گهمي ڦري دادا عبدالرزاق جتوئي تي دنگ ڪندو،دادا عبدالرزاق جتوئي هڪ بااثر خاندان سان تعلق رکندڙ بااخلاق محبتون عزتون ڏيندڙ رئيس گهراڻي جو فقير منش انسان دوست فرد آهي ڏٺو وڃي ته دادا جا وڏڙا پنهنجي پاڙي جا چڱا مڙس هئا. هن خاندان جو ماضي يا حال ۾ تعلق انسان ذات جي خدمت ڪرڻ کان بغير ناهي ملي رهيو،اڄ به تر ۾ وڏڙن جي ڪيل عوامي انيڪ خدمتن کي ساراهيو ٿو وڃي.دادا جي وڏڙن جي اوطاق، دسترخوان مهمانوازي جاري رهندي هئي ۽ اچي ٿي دنيا جي هر علائقي ۾ ڪجهه مانائتا خاندان هوندا آهن انهن ۾ لاڙڪاڻو جي سدا بهار خطي ۾ دادا عبدالرزاق جتوئي جو خاندان معتبر ۽ امين ڀانئيا وڃن ٿا،دادا عبدالرزاق جتوئي حساس طبيعت ۽ ماٺيڻو مزاج رکندڙ هميشه مک تي مرڪ سجائيندڙ يارن جو يار محبوب دوست کلڻو انسان آهي دادا جو لاڙڪاڻو ۾ سماجي سرگرمين ۾ مک ڪردار رهندو ايندو آهي جنهن جي شرڪت کان سواءِ اهڙيون منڊليون بي رونقون لڳنديون آهن دادا دوستي نڀائڻ جو به ڪوڏيو جوان ۽ مهمانواز باصلاحيت شخصيت جو مالڪ آهي دادا شروعاتي دور ۾ڪرڪيٽ راند جو حصو رهيو کيس جي ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن ۾ سڃاڻپ رهي ٿي، هن وقت تائين لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ دادا جو اهم رول رهندو ايندو آهي،نوجوان رانديگرن کي هٿي وٺرائڻ انهن جي صلاحيتن کي سوشل ميڊيا تي اجاگر ڪرڻ کيس جو وڏو ڪردار رهيو آهي،دادا ظاهري طور تي پاڻ کي سفيد وارن سان اوڍي پوڙهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر دادا جون حرڪتون، محنتون، ڪوششون ڪنهن نوجوان کان گهٽ ناهن، دادا غريب مسڪين ماڻهن جو ڀرجهلو رهندو آيو آهي ڇونه ان ۾ ڪنهن نياڻي جي شادي لاءِ ڏاج جي ضرورت هجي،ڪنهن شاگرد جي يونيورسٽي فيس جو مسئلو هجي دادا اهڙيون مشڪلاتن ۾ ضرورتمندن جو مسيحا ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي، دادا دوستن کانسواءِ اڌورو آهي دادا جي فلاحي ڪمن ۾ سندس جي دوستن جو به وڏو ڪردار آهي جيڪي دادا کي سڏ ۾ سڏ ڏئي انهن مستحقن جي مدد ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا آهن، دادا عبدالرزاق جتوئي جنهن سماجي تنظيم سان سلهاڙيل آهي ان کي سنڌ دوست سٿ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو سنڌ دوست تنظيم جي سٿ ۾ پڙهيل لکيل شعور مند ماڻهن جي انٽري آهي جن جو صرف هڪ مشن آهي ته غريب بي پهچ ماڻهن جي چوڪيداري ڪرڻ انهن جي خدمت ڪرڻ آهي هن تنظيم جا ٻيا ته کوڙ سارا فلاحي ڪم آهن پر انهن ۾ گذريل ڪجهه سالن کان لاڙڪاڻي جي سول اسپتال جي باغيچي ۾ رمضان شريف جي مهيني ۾ افطاري ڪرائڻ جو ثوابين ڪردار ساراهه جوڳو آهي جتي روزانو فهم فضيلت سان روزيدارن جي خدمت ڪئي وڃي ٿي ۽ مختلف ڏينهن تي مختلف کاڌا مشروب فروٽ ٿڌي پاڻيءَ سان گڏ پيش ڪيا وڃن ٿا، دادا افطاري ڪرائڻ دوران پنهنجي سماجي اک سان اسپتال اندر کوٽ واڌ جو به جائزو وٺندو آهي، صفائي سٿرائي تي به نظر رکندو آهي جتي دادا کي عوامي ڀلائيءَ جي لاءِ ڪا ڪمي نظر ايندي آهي ته بجاءِ اسپتال انتظاميا جي چوڻ کان سنڌ دوست سٿ جي ساٿين تائين ڳالھ کي پهچائي اتي اهڙي کوٽ کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي جهڙوڪ دادا کي افطاري باغيچي ۾ ٿڌي پاڻيءَ جي ٽانڪي جي کوٽ محسوس ٿي دادا ٿڏي تي ان هنڌ جو فوٽو ڇڪي فيس بڪ تي رکي ٿڌي پاڻيءَ جي ٽانڪي جو مطالبو ڪيو جيڪو هڪ ڪلاڪ بعد عوامي ماڻهو جي هٿان حل ٿي ويو جيڪا به اسپتال انتظاميا جي ٻڏي مرڻ جهڙي ڳالھ هئي جنهن باغ ۾ مريضن جا اوري پري کان وارث ترسيل هجن اتي پيئڻ جي پاڻيءَ جي ٽانڪي ناڪاره بڻيل هجي موسم جي حوالي سان ٿڌي پاڻيءَ جي کوٽ هجي اهڙي فقدان کي به دادا پورو ڪري ڇڏيو،دادا جون سماجي خدمتون اڻڳڻيون آهن روز جي بنياد سائل در تي اچن ٿا جيڪو مون ڏٺو آهي ته دادا جي درتي ايندڙ سائل ڪڏهن خالي ناهي موٽيو ان جو مسئلو دادا ضرور حل ڪندو آهي،
ڪورونا واري صورتحال ۾ به سنڌ دوست سٿ پنهنجو ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو مستحقن جي درن تي راشن پهچايو،ان سان گڏ شهر ۾ برسات ڪاڇي ۾ وچولي ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ به دادا پوئتي قدم نه ڪيو پنهنجي تنظيم جي پليٽ فارم تان ڪاڇي تائين پهتو ٻيڙيءَ تي سوار ٿي هن ڪاڇي جي متاثرن ۾ ڪپڙا ۽ راشن وڏي مقدار ۾ تقسيم ڪيو،مان سمجهان ٿو ته دادا جنهن طرز تي غريب ماڻهن جي خدمت ڪري رهيو آهي ان تي دادا کي سنڌ سرڪار جي طرفان ايوارڊ سان نوازيو وڃي،جڏهن مون دادا کي چيو ته اوهان ته تمغہ امتیاز جا حقدار آهيو دادا کلي وراڻيو ته مير تمغو هڪ دفعو ملندو کڻي ڇوڪيس ۾ رکندس مونکي ته ھر روز غريبن جي دعائن جا ايوارڊ ملن ٿا،پاڻ ڪڏهن پاڻ کي پڏائڻ واري سماجي خدمت ناهي ڪئي بس ڪريم کي راضي رکڻ جي لاءِ هي دڳ ورتو آهي شال اسان جون ڪوششون خدمتون قبول فرمائي.
مارچ 28, 2024