سکر: منشيات مافيا خلاف ڪارروائي، چرس ھٿ، جوابدار گرفتار

Spread the love

سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽيڪس ڪنٽرول اي پي ايس ۽ ڊي آئي او ڪيمپ جي گڏيل ڪارروائي، چيڪينگ دوران مزده ٽرڪ مان 15 ڪلو چرس هٿ،

هڪ جوابدار گرفتار تفصيل موجب ايڪسائيز ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽيڪس جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيڪريٽري ايڪسائيز ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽيڪس، ڊائريڪٽر ايڪسائيز نارڪوٽيڪس سنڌ اورنگزيب پنهور، اقبال احمد لغاري، ڊائريڪٽر ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن سکر جي خاص هدايتن تي ايڪسائيز کاتي جي عملي منشيات فروشن خلاف حرڪت ۾ اچي ويا آهن،

گذريل ڏينهن ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽيڪس ڪنٽرول اي پي ايس سکر ٽائون ۽ ڊي آئي او سکر ٽائون جي ٽيمن اي پي ايس سکر ٽائون انسپيڪٽر سيد نور علي شاهه، انسپيڪٽر محمد يونس جي زير نگراني ۾ شڪارپور روڊ سکر ويجهو چيڪينگ دوران هڪ مني مزده ٽرڪ نمبرTKD-625 مان تلاشي دوران اعليٰ معيار جو 15 ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ ڪري هڪ جوابدار محمد عثمان پٺاڻ کي گرفتار ڪري جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي

 جڏهن ته ڪارروائي جي حوالي سان واسطيدار آفيسرن جو چوڻ هو ته اعليٰ آفيسرن جي هدايت تي شهر ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون تيزي سان جاري آهن هنن وڌيڪ چيو ته جيستائين شهر کي منشيات کان پاڪ نٿو ڪيو وڃي تيستائين ڪارروائيون جاري رهنديون.

مارچ 28, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو