ڪراچي: مخدوم بلال ۾پ پ اڳواڻ محبوب عباسي طرفان افطار تقريب منعقد
ڪراچي ( رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي مخدوم بلال ۾ پ پ اڳواڻ محبوب عباسي طرفان افطار تقريب ۾ ايس يو پي ايس ٽي پي ۽ پ پ شھيد ڀٽو جي ضلعي اڳواڻن سميت ٻين مختلف برادرين جي 50 پ پ ۾ شموليت جو اعلان تقريب کي پ پ اڳواڻ شھلا رضا اقبال ساند ۽ ٻين جو تقريب کي خطاب خبرموجب ڪراچي مخدوم بلاول ۾ پ پ اڳواڻ محبوب عباسي طرفان افطار پارٽي ۽ مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ مختلف برادرين جي معززن طرفان پيپلز پارٽي ۾ شموليت واري تقريب منعقد ڪئي وئي
پيپلز پارٽي جي شموليت واري تقريب ۾ پ پ شھيد ڀٽو ضلعي اوڀر جي سينيئر نائب صدر عبدالمنان چانڊيو 25 ساٿين سميت پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو جڏھن تـ ايس ٽي پي سابق اڳواڻ علي مرتضي’ چانڊيو پنھنجي ساٿين سميت اعلان ڪيو
جڏھن ايس يو پي مجيب کھاوڙ سميت مختلف برادرين جي معززن عبدالرسول چانڊيو جمن گاڏھي وحيف اڄڻ سميت 50 کان وڌيڪ ماڻھن پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو پ پ ۾ شموليت ڪندڙن کي پ پ اڳواڻ اڳوڻي صوبائي وزير شھلا رضا ضلعي اوڀر جو ڪو آرڊينيٽر آصف خان صفوران ٽائون چيرمين راشد خاصخيلي يوسي چيرمين تاج محمد وساڻ اقبال ساند حنيف سومرو ايس ايم نقوي حسين بخش ناريجو سرور غازي ذوالفقار ڪانڌڙو ۽ ٻين پيپلز پارٽي ۾ ٿيندڙن کي پارٽي جو رومال پارايو ان موقعي تد ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ محبوب عباسي چيو تـ پ پ شھيدن جي پارٽي آھي
جنھن سبب عوام پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪري رھيا آھن ھن چيو تـ واحد پيپلز پارٽي آھي جيڪا ملڪ مان بيروزگاري جو خاتمو آڻي بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏي ٿي
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي عورتن کي پنھنجي پيرن تي بيھڻ لاء انھن کي وظيفو ڏنو پيو وڃي محبوب عباسي وڌيڪ شھيد بينظير ڀٽو جي نقش قدم تي ھلندي غريب عوام جي وڌ کان وڌ خدمت ڪري رھيا آھيون
انھن سان ھر ڏک سک ۾ انھن سان گڏ آھيون کين ڪڏھن بـ اڪيلو ڪو نـ ڪيو ويندو ھن چيو تـ ڪراچي جي سنڌي وسندين اندر ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويندو پارٽي اڳواڻ ان حوالي سان تمام گھڻو سنجيدا آھي.
مارچ 28, 2024