سنجھورو ۾ پ ٽ الف پاران استاد کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ احتجاجي مظاھرو
سنجھورو ( رپورٽ: احمد حسن خاصخيلي ) سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي شهيد ٿيل استادن جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۽ استاد کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاء پ ٽ الف تعلقي سنجهورو جي استادن عبدللھ نظاماڻي امام بخش بلوچ محمد صالح سنجراڻي تنوير احمد موھل افتخار بلوچ سخاوت علي انڙ آفتاب مري علي شير پھنور .شهاب الدين ٽالپر جي اڳواڻي ۾ ٻين استادن ۽ شاگردن پاران مين بوائز پرائمري اسڪول سنجھورو کان پريس ڪلب سنجھورو تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
۽ جوابدارن جي گرفتاري لاء نعريبازي پڻ ڪئي وئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ استادن احتجاج کي خطاب ڪندي توڙي ميڊيا کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ خاص ڪري اتر سنڌ ۾ اسانجا جا استاد انتهائي غير محفوظ آھن مختلف استادن کي ٽارگيٽ ڪري شهيد ڪيو ويوآھي ھر ڪم سان کان سرڪار وٺي ٿي
پر ان باوجود استاد عتاب جو شڪار آھي ۽ سرڪار سندن ڪا بھي مالڪي نٿي ڪري ھنن جو چوڻ ھيو تھ اسٿاد جي فوت ٿيڻ بعد سندس جڳھ تي سندس اولاد کي تعليم جي حساب سان نوڪري ڏني وڃي
گروپ انشونس زندا استاد کي نٿي ملي مرڻ کان پو ان ۾ رلايو ٿو وڃي اسان مطالبو ٿا ڪريون ته شاگرن کي تعليم ڏيندڙ اسان جي استادن کي تحفظ فراهم ڪيو ۽ اسان جا جايز مطالبا تسليم ڪري حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ اسان سموري سنڌ جا استاد سراپا احتجاج بڻباسون.
مارچ 28, 2024