ٺٽو: گهارو ۾ اغوا ٿيل نينگري نبيلا بازياب، پوليس پاران ناڪابندي، اغوا ڪندڙ نينگري ڇڏي فرار
ٺٽو (نظير احمد قريشي) گهارو ۾ اغوا ٿيل نينگري بازياب ڪرائي وئي، پوليس ناڪابندي اغوا ڪندڙ کي فرار ٿيڻ نه ڏنو، اغوا ڪندڙ ڇوڪري کي ڇڏي فرار ٿي ويا.
گهارو ۾ 5 ورهين جي نبيلا بنت شاهنواز جوکيو کي اغوا ڪندڙ ٻارڙي کي ڪجهه شيءِ ڏيڻ جي بهاني تان اغوا ڪري ويا،
جنهن جو ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان سخت نوٽيس وٺندي 8 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي ۽ سڄي ضلعي جي ناڪابندي ڪئي. ناڪابندي سبب اغوا ڪندڙ نينگري کي ساڪرو روڊ تي ڇڏي فرار ٿي ويو، بازياب ٿيڻ تي علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي،
هنن ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان، ڊي ايس پي ساڪرو ۽ پوري پوليس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي، پوليس اغوا ڪندڙ جي ڳولا ڪري رهي آهي.
مارچ 27, 2024