ٺٽو: ٽي بي عالمي ڏينھن جي حوالي سان سول اسپتال ۾ سيمينار ٿي ٿي گذريو
ٺٽو (نظير احمد قريشي) ٽي بي عالمي ڏينھن جي حوالي سان سول اسپتال ٺٽي ۾ ھڪ سيمينار ٿي ٿي گذريو. جنھن ۾ سول سرجن سول استپال ٺٽو ڊاڪٽر يامين عالم شاھ، ڊسٽرڪٽ ٽي بي ڪو آرڊينٽر ڪو آرڊينٽر ڊاڪٽر غلام علي دايو،
ڦڦڙن جي بيماري جو ماھر ڊاڪٽر پرشاد ، ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر ڪونٽيڪ انٽرنيشنل ٺٽو ڊاڪٽر نظير حيدرشاھ ،ڊسٽرڪٽ مئنيجر اين آر ايس پي ٺٽو مير محمد بلوچ ڳالھائيندي چيو تہ ٽي بي ھڪ موتمار بيماري آھي جنھن جي تشخيص ۽ مفت علاج سنڌ حڪومت طرفان ضلعي جي سرڪاري اسپتالن ۾ موجود آھن .
ڊاڪٽر نظير حيدر شاھ سمينار ۾ ڳالھائيندي چيو تہ دنياجي 25 سيڪڙو آبادي ٽي بي جي جراثيم سان متاثر ٿئي ٿي ۽ ھر سال ھڪ ڪروڙ ماڻھو ٽي بي جي موتمار بيماري جي ور چڙھي وڃن ٿا
۽ دنيا ۾ ھر سال اٽڪل 15 لک ماڻھو ٽي بي جي بيماري وگھي فوت ٿي وڃن ٿا. پاڪستان ۾ ھر سال ڇھ لک کان وڌيڪ ماڻھو ٽي بي جي خطرناڪ مرض جو شڪار ٿين ٿا
جنھن مان فقط 63 سيڪڙو ماڻھن جي تشخيص ۽ علاج ٿئي ٿو انھي ڪري باقي رھيل ماڻھن جي تشخيص ڪرائي انھن جوعلاج ڪرائڻ گھرجي.
سول سرجن ٺٽو ڊاڪٽر يامين عالم شاھ سيمنار ۾ڳالھائيندي چيو تہ ضلع ٽٺو ۾ صحت کاتو حڪومت سنڌ پاران ٽي بي جي تشخيص ۽ مفت علاج جون سھولتون فراھم ڪيون وڃن
پيون تنھنڪري عوام کي گھرجي تہ انھن سھولتن جو فائدو وٺي ڪري پاڻ کي ۽ پنھنجي گھر ڀاتين کي ٽي بي جي موتمار بيماري کان بچائين. ڦڦڙن جي بيماري جي ماھر ڊاڪٽر پرشاد ٽي بي عوامي آگاھي سيمينار ۾ ڳالھائيندي چيو تہ ضلع ٺٽو جي سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ ٽي بي جي بيماري جي تشخيص جي سهولت موجود آھي
تنھنڪري جنھن بہ ماڻھو کي لڳاتار ٻہ ھفتا کنگھ، شام جو بخارٿيڻ، وزن جو گھٽجڻ، رات جو پگھرٿيڻ يا ٿڪاوٽ ٿيڻ جھڙيون علامتون ھجن تنھنکي يڪدم ويجھي اسپتال ۾ پنھنجي چڪاس ڪرائڻ گھرجي.
ڊسٽرڪٽ ٽي بي ڪو آرڊينٽر ضلعو ٺٽو ڊاڪٽر غلام دايو سيمنار ۾ ڳالھائيندي چيو تہ ضلع ۾ سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي سھڪار سان گڏيل ڪوششن سان ٽي بي جا خاتمي لاءِ اسان پر عزم آھيون.
ٽي بي عالمي ڏينهن جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ سيمينار ۾ ڊاڪٽر گيانچند، ڊاڪٽر محمد ابراهيم ميمڻ، ڊاڪٽر دائود هلايو، ڊاڪٽر خالد نواز قريشي، ڊاڪٽر مھتاب، ڊاڪٽر شيام ڪمار، ڊاڪٽر آمنه شمس ميمڻ، ڊاڪٽر محبوب ڪاتيار، ڊاڪٽر آڪاش عباسي ،
ڊاڪٽر جمال ميمڻ سميت سول سوسائٽي تنظيمن جي نمائندن ۽ اسٽاف نرسن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. سيمنار بعد ٽي بي جي بيماري متعلق عوامي آگاهي جي حوالي سان واڪ پڻ منعقد ڪئي وئي.
مارچ 27, 2024