ٺاروشاھ هريپور ۾ ڳوٺاڻن جو روڊ ۾ ناقص مٽيريل ۽ موريون صحيح نه ٺاهڻ خلاف احتجاج
ٺاروشاھه (رپروٽ: اسد سولنگي) ٺاروشاھ هريپور ۾ ڳوٺاڻن جو روڊ ۾ ناقص مٽيريل ۽ روڊ جون موريون صحيح نه ٺاهڻ خلاف احتجاج،
شھرين فياض ٻٻر لياقت ٻٻر حاجي خير محمد ٻٻر محرم ٻٻر ايوب سيال عبدالحقيم سيال ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته بااثر پيٽي ٺيڪيدار رشيد پنهنجي من ماني هلائي روڊ پنهنجي مرضي موجب ٺاهي رهيو آهي روڊ جون موريون نالين کان مٿي هئڻ ڪري سندن گهر جو نيڪال مشڪل ٿي ويو آهي
هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي موريون صحيح ٺهرائي انصاف ڪيو وڃي نه ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.
مارچ 27, 2024