سيوھڻ ۾ چورين ، ڦرين جون وارداتون جاري،  شھري امن امان بابت  پريشان

Spread the love

سيوهڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ شھر جو امن امان بحال نه ٿي سگھيو شھري امن امان بابت  سخت پريشان، شهر جا رھواسي پاڻ کي  غير محفوظ محسوس ڪري رھيا آھن،

 شهر مان چورين ، ڦرين جون وارداتون جاري، سيوهڻ پوليس ڪک ڀنڃي ٻيڻو نه ڪيو، سيوھڻ سيد عبداللہ شاھ انسيٽيٽيوٽ سيوھڻ جو ملازم نالي گلزار علي عرف پاڪو لاکو رات جو پنھنجي ڊيوٽي ڪرڻ لاء اچي رھيو ھئو تہ سيوھڻ اسپتال  جي گيٽ ويجهو ڪن نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ڦورن 35000 ھزار جي ماليت جو اوپو موبائل سيٽ ڦر ڪري فرار ٿي ويا،

رھواسي   گلزار علي عرف پاڪو لاکو  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان غريب سيد عبدالله شاھ انسيٽيٽيوٽ اسپتال سيوھڻ جو ننڍڙو ملازم آھيان، ظالمن مون سان ظلم ڪيو آھي، منھنجي رابطي جي سھولت ھوندي ھئي، جيڪا ظالم ڦورو ڦر ڪري ويا آھن،

 مان سيوھڻ پوليس اسٽيشن تي ويو آھيان، ون فائيو انچارج منظور صاحب کي به چيو آھي، مان سيوھڻ پوليس جي عملدارن کي عرض ڪندس ته مھرباني ڪري مونکي موبائل واپس ڪرائي ڏني وڃي.

مارچ 27, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو