سيوهڻ ۾ لڳايل آراو ۽ فلٽر پلانٽس جو سامان چوري ڪري وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ شھر جي آر او پلانٽس غير فعال جڏھن تہ پبلڪ ھيلٿ کاتي ضلع ڄامشورو طرفان تعلقي سيوھڻ جي آر او پلانٽس ۽ فلٽر پلانٽس جي ٽماھي ايندڙ مينٽينس جي رقم ڪاغذي ڪارروائي ۾ پوري، تفصيل موجب تعلقي سيوهڻ ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي طرفان لڳايل پيئڻ جي صاف پاڻيء جا آرو فلٽر پلانٽس غير فعال،
سيوهڻ ۾ پبلڪ هليٿ کاتي ڄامشورو جي انجنيئر عرفان علي ٻوڪ جي اچڻ سان ئي تعلقي سيوهڻ ۾ لڳايل آراو ۽ فلٽر پلانٽس جو سامان چوري ڪري وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ذرائع
تعلقي سيوهڻ جا ڪيترائي آراو ۽ فلٽر پلانٽس غير فعال بڻيل آهن،جن مان هاڻي ڪجھ قيمتي سامان به چوري ڪري وڪرو ڪيو پيو وڃي، آر او ۽ فلٽر پلانٽس جنهن جي لکين روپين جو سامان سنڌ حڪومت سيوھڻ تعلقي جي عوام لاء ڪروڙين روپين جا تعلقي سيوهڻ ۽ شھر سيوھڻ سميت فلٽر آراو پلانٽس لڳايا ويا هئا، جنهن مان علائقي ۽ شهر واسين کي صاف پاڻي پيئڻ جي سهولت ميسر ٿيندي ھئي ،
پر اهي سڀ آراو ۽ فلٽر پلانٽس تعلقي سيوھڻ ۽ سيوھڻ شھر جا غير فعال لڳا پيا آهن، ذريعن کان معلوم ٿيو آھي، تہ مينٽينس لاء ٽه ماھي لکين روپيا بجيٽ به اچي رهي آهي، سوال اهو آهي ته اها بجيٽ موجوده پبلڪ هيلٿ کاتي ڄامشورو جي انجنيئر عرفان ٻوڪ جي ملي ڀڳت سان هڙپ ڪئي پئي وڃي،
جڏهن ته تعلقي سيوهڻ سميت سيوھڻ شهر جا آراو فلٽر پلانٽس سالن کان بند آھن، جڏهن ته هاڻ سمورن فلٽر ۽ آرو پلانٽس جو سڄاڻ ڌرين پاران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ، نيب ، اينٽي ڪرپشن، حساس ادارن ۽ پبلڪ هيلٿ سنڌ جي لڳاپيل اعلی ادارا نوٽيس وٺي، تعلقي سيوھڻ ۽ سيوھڻ شھر جي فلٽر پلانٽس جو دورو ڪري چوري ٿيل قيمتي سامان وڪرو ڪندڙ ملازمن خلاف قانوني قدم کڻي،
بجيٽ ھڙپ ڪندڙ ضلعي ڄامشورو پبلڪ هيلٿ جي انجنيئر عرفان ٻوڪ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، سيوھڻ تعلقي ۽ سيوھڻ شھر جا بند پيل آر او ۽ فلٽر پلانٽس کولرائي عوام کي صاف پاڻي مھيا ڪرائي ڏنو وڃي.
مارچ 27, 2024