ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪري چئن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو

Spread the love

ڊيرا اسماعيل خان ( ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان ۾ آپريشن دوران چئن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگرد مصطفيٰ، قدرت الله ۽ اسلام الدين سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪاررواين ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.
علائقي ۾ دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ سيني ٽائزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن..

مارچ 26, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو