سکر: سيشن ڪورٽ جو ملازم 27 ڏينھن کان گم، وارث پريشان
سکر(بيورو رپورٽ) سکر واسي نوجوان، سيشن ڪورٽ جو ملازم 27 ڏينھن کان پراسرار نموني گم، مسلسل ڳولاھ باوجود پتو نه پيو، نوجوان جا گھرڀاني رب پاڪ کي پاڏائڻ لڳ.
خبرموجب سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد وسپور محلا جو رھواسي سيشن ڪورٽ جو ملازم، نوجوان نفيس الله عرف ڪالو ولد ڪوڙو شيخ پھرين مارچ تي پنوعاقل سول ڪورٽ ڊيوٽي ويو ھو جيڪو 27 ڏينھن گذرڻ باوجود واپس ناھي پھتو.
ان ڏس ۾ سندس ڀاء نشاد شيخ جو چوڻ آھي ته سندس ڀاء نفيس عرف ڪالو شيخ پھرين مارچ تي پنوعاقل ڪورٽ ڊيوٽي تي ويو ھو جيڪو اڃان تائين واپس گھر ناھي آيو.
ھن بڌايو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناھي سندس ڳولاھ لاء مٽن مائٽن توڙي واسطيدار ماڻھن سان رابطو ڪيو آھي
پر نفيس جو ڪوبه ڏس پتو ناھي پئجي سگھيو. ھن سيشن جج سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين کي اپيل ڪئي آھي تہ سندس ڀاء کي ڳولھي ڏنو وڃي.
ٻئي طرف نوجوان نفيس عرف ڪالو شيخ جي گم ٿيڻ بعد سندس گھر ۾ عورتون رب پاڪ کي پاڏائي رھيا آھن.
مارچ 26, 2024