سيوھڻ ۾ولادت حضرت امام حسن عھ: انجمن شھزادھ علي اصغر طرفان جشن منعقد ڪيو ويو
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ شھر ۾ 15 رمضان المبارڪ ولادت باسعادت حضرت امام حسن المجتبي ا عليه السلام جي موقعي تي انجمن شھزادھ علي اصغر سيوھڻ شريف طرفان قديمي حسيني امام بارگاھ سيوھڻ شريف ۾ ھڪ عظيم عاليشان جشن جو انعقاد ڪيو ويو،
جنهن ۾ قصيده خواني ڪرائي وئي قديمي حسيني امام بارگاھ سيوھڻ کان غلاف چادر جو جلوس ڪڍي درگاھ حضرت لال شھباز قلندر رحمت الله عليه جي مزار تي رسم غلاف ادا ڪئي وئي،
جڏھن تہ ھن جشن جي تقريب جي آخر ۾ سيد گل محمد شاھ عرف راجا سائين لڪياري سجادھ نشين درگاھ حضرت لال شھباز قلندر رحمت الله عليه پاران درگاھ حضرت لال شھباز قلندر رحمت الله عليه جي مزار تي دعا گھري امام حسن عليه السلام جي ولادت جي ڪيڪ جي رسم ادا ڪئي،
جڏھن تہ امام حسن عليه السلام جي ولادت جي پروگرام ۾ سيوھڻ شھر جي ڪيترن مومنن ۽ عزادارن ۽ سيوھڻ شھر جي رھواسين شرڪت ڪئي.
مارچ 26, 2024